ڪراچي (رپورٽر) وفاق ۽ سنڌ حڪومت ڪئنالن جو مسئلو ڳالهين سان حل ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. مسلم ليگ ن قيادت جي هدايت تي راڻا ثناءُ الله سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ سان فون تي رابطو ڪيو، جنهن ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته ڪئنالن جي معاملي تي سنڌ سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ڪئنالن جي معاملي تي سنڌ جا خدشا ختم ڪيا وڃن.شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت کي درياهه مان ڪئنالن ڪڍڻ تي سخت خدشا آهن، پ پ به ان معاملي تي وفاقي حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار آهي. هن چيو ته پ پ سنڌ جي عوام لاءِ 1991 جي معاهدي تحت پاڻي جي منصفاڻي ورڇ چاهي ٿي.