نندو ۾ اياز لطيف جي اڳواڻي ۾ ڪئنالن خلاف هزارين ماڻهن جو مارچ

بدين(رپورٽ:رازق کوسو)سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو، حسين درس،رشيد گوپانگ،خدا ڏنو شاھ، ابراهيم بليدي، سانولگوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن ٿر ڪوئل باءِ پاس روڊ کان پيادل مارچ ڪري نندو شهر جي شاھ نواز چوڪ تي پھتو ته جلسي عام جي صورت اختيار ڪري ويو,اياز لطيف پليجو نندو شھر پھتو ته واپارين، آبادگارن، شھرين، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جو گلن جي ورکا ڪري ۽ اجرڪون ۽ لنگيون اوڍائي شاندار استقبال ڪيو ويو. جلسي عام ۾ درياھ تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور، پاڻي کوٽ ختم ڪيو، معاشي قتل عام بند ڪيو جا وقفي وقفي سان زوردار نعرا ھنيا ويا،اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته مريم نواز، راڻا ثناءُ ۽ شهباز شريف تنهنجي ڌمڪين کان سنڌي ڊڄڻ وارا ناهن، سنڌي ته اڃا هاڻي ميدان ۾ نڪرڻ شروع ٿيا آهن اسانکي ڪا تڪڙ ڪانھي، اسين ته اٺن مھينن کان چڻنگون ۽ ٽانڊا ميڙي، ھاڻ مچ مچائڻ نڪتا آھيون. سڀ ڀاڳيا گڏجي ھاڻي چور سان حشر نشر ڪنداسين اسين سنڌ جي پاڻي، زمين، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضو برداشت نه ڪنداسين،هن چيو ته اسان پاڻي، گئس، پئٽرول، منرلز ۽ ڪوئلي جا پراڻا کاتا کولڻ شروع ڪيا آهن هاڻي جيتري دير ٿيندي، ڀاڳين کي فائدو ۽ چورن کي نقصان ٿيندو.بلاول اسان جي بهادر ڀيڻ بينظير جو پٽ آهي، وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري. هن چيو ته ڪئنالن جي سمري تي صدر علوي صحيح نه ڪئي، زرداري صاحب صحيح ڪري ڇڏي سنڌ ۾ ڪپهھ ۽ چانورن جي فصلن لاءِ پاڻي ناهي سنڌ جو زير زمين پاڻي زهريلو بڻايو ويو آهي، هاڻي اسان جا درياءَ ريگستان بڻائڻ لاءِ مصروف عمل آهن تونسا-پنجند لنڪ ڪينال ۾ پاڻي جي وهڪري کي وڌائڻ مڪمل طور تي ناانصافي آهي ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل ترميم واپس ورتي وڃي. ڪينال منصوبي کي رد ڪيو وڃي،هن چيو ته سنڌ  ڪئنالن خلاف جيئن نڪتي آھي ان جو ايم آر ڊي کانپوءِ 30-40 سالن ۾ مثال نٿو ملي. سنڌ هنن کي ڪئنال ٺاهڻ ڪونه ڏيندي، هن چيو ته  زرداري صاحب 7 ڪروڙ سنڌين جي اکين کي ڏس، اوچا ٿيل ڳاٽ ڏس، ھاڻ خاموش نه ٿيندا، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي جو بحران آهي،حسين درس چيو ته پيپلزپارٽي کي سمجهڻ کپي سنڌ پنهنجي پاڻي جو هڪ ڦڙو به وفاق کي ڏيڻ نه ڏيندي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.