ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال رٿا خلاف سنڌ جو تخت گاهه به جاڳي اٿيو، هزارين ماڻهن جي ريلي

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ پٽيشن فورم طرفان سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف فريئر هال کان ڪراچي پريس ڪلب تائين فورم جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ شهاب اوستو، ايس يو پي اڳواڻ زين شاهه، جي ڊي اي جي ڊاڪٽر صفدر عباسي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ امتياز ميراڻي، قيصر بنگالي، سنڌ ويزن جي اڳواڻ محبوب شيخ، ايڌي ٽرسٽ جي فيصل ايڌي، سليم ميمڻ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هڪ ريلي ڪڍي وئي. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي مقررن ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياءُ مٿان ڇھ ڪئنال اڏڻ واري منصوبن کي مقامي ۽ عالمي اسٽيبلشمينٽ جي مفادن وارو منصوبو قرار ڏيندي صدر پاڪستان ۽ وزيراعظم کان مطالبو ڪيو آھي ته فيڊريشن کي بچائڻ لاء ھن منصوبي کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري سنڌ جي ست ڪروڙ عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. ريلي کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي سربراهه سيد زين شاھ چيو ته ھن منصوبي کي سنڌ جي ٻچي ٻچي رد ڪري ڇڏيو آھي، ھي اسان جي وسيلن کي ڦٻائڻ جو منصوبو آھي. زين شاھ چيو ته ھي منصوبو سول ملٽري بيوروڪريسي ۽ عالمي اسٽيبلشمينٽ جي گڏيل مفادن وارو منصوبو آھي، صدر آصف زرداري فوري طور تي ھن منصوبي جي آرڊر کي ڊي نوٽيفاء ڪري. ھن سؤال ڪيو ته پيپلزپارٽي ھن وقت ڪنھن جي خلاف احتجاج پئي ڪري؟ ھاڻي ھي چالبازيون گھڻو نه ھلنديون. پاڪستان پيپلزپارٽي (ش ڀ) جي سربراهه ذوالفقار ڀٽو (جونيئر) پرجوش نعره ھڻائيندي چيو ته سنڌي عوام ھتي گڏ  ٿي اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻھن کي ڊيڄاري ڇڏيو آھي.ھن چيو ته سڄو سنڌو درياءُ اسان جو آھي ۽ ان تي اسان جو ئي حق آھي. ذوالفقار ڀٽو چيو ته مان سائين جي ايم سيد،  بشير خان قريشيءَ، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد مير مرتضي ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀُٽو کي سلام پيش ڪريان ٿو. ھن چيو ته ھي اسان کي ويڙھائڻ چاھين ٿا پر مختلف ٻوليون ڳالھائيندڙ اسان سڀ گڏ آھيون. درياهه اردو ۽ سنڌي کي نه ڏسندو، اردو ڳالهائيندڙ سنڌين کي به سنڌو درياءُ لاء آواز اٿارڻ گھرجي. جي ڊي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته ڪئنال معاملو صرف زراعت نه پر شھري علائقن جي جياپي جو به مسئلو آھي ڪي بي فيڊر ۾ پاڻي نه آيو ته پوء ڪراچي جو ڇا ٿيندو ؟ ھن چيو ته ھي اسان جي تحريڪ ٻهراڙي سنڌ جي نه پر شھرن تائين پھچي وئي آھي، سنڌ پٽيشن فورم جي روح روان ايڊووڪيٽ شھاب اوستو سنڌ دشمن منصوبي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. پي ٽي آء اڳواڻ ڊاڪٽر جئپال ڇاٻڙيا چيو ته مون کي ھندو ھجڻ جي شناخت سنڌو جي ڪناري تي موجود ھندن جي ڪري ملي. عارف علوي اھڙي منصوبي تي صحيح نه ڪئي پر پ پ جي چيئرمين صدر زرداري ڪئي شرم جھڙي ڳالھہ آھي.ھاڻي اسان مرسون مرسون نه پر؛ اسان ماريسون ماريسون پر پاڻي نه ڏيسون جا نعره ھڻنداسون. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي اڳواڻ ڊاڪٽر اظھر علي مرزا چيو ته اسان جي جدوجھد تيستائين جاري رھندي جيستائين ھن منصوبي کي رد نٿو ڪيو وڃي. اربن ريسورس سينٽر جي روح روان عارف حسن چيو ته ڊيلٽا جي ٻيٽن تي رھندڙ ٽي ھزار خاندان پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ سبب ھجرت ڪرڻ تي مجبور ٿيا آھن، جي ھي ڪئنال منصوبو رد نہ ٿيو ته اڃا لڏپلاڻ ٿيندي. ايڌي فائونڊيشن جي روح روان فيصل ايڌي چيو ته سنڌو درياءُ تي ڪئنالن جي منصوبن ھڪ صوبي کي ته خوشحال ضرور ڪيو آھي پر سنڌ کي بنجر بڻائڻ جو سبب آھي ھن منصوبي سان ڪراچي به پيئڻ جي پاڻي کان محروم ٿي ويندي. سگا جي چيئرمين رفيق احمد جعفري چيو ته پاڻي اسان جي ايندڙ نسل جي جياپي جي لاء آھي، ھي سنڌي عوام جي نسل ڪشي جي تياري آهي. ڪامريڊ اظھر جميل چيو ته سمنڊ بدين کي لپيٽ م آڻيو آھي ائين نه ٿئي ته تمر به ختم ٿين ۽ پوء ڪراچي جو به خير ناھي.اسٽيبلشمنٽ کي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال ٺاھڻ جي پٽي ڪنھن پڙھائي.  معاشي ماھرقيصر بنگالي چيو ته پاڻي سان زندگي آھي پاڻي ناھي ته زندگي ناھي. قدرتي نظام کي نٿو بدلائي سگهجي ھي بنجر زمين آباد ڪرڻ لاء آباد زمين کي بنجر بڻايو ويندو، ھن چيو ته درياهه م پاڻي آھي نه، پنجاب ۾ به ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف آواز بلند ٿيو آھي.موجودہ حڪومت ڪڻڪ جي امدادي قيمت به مقرر ناھي ڪري سگھي جيڪا پڻ ھڪ  وڏي حرڪت ڪئي آھي ايندڙ وقت اٽي جو بحران ٿيندو. ھي اسرائيل وارو ڪم ڪري سنڌ کي غزہ بڻائڻ چاھين ٿا ڪراچي واسين کي اپيل آھي ته ھو به اسان سان گڏجن. جماعت اسلامي سنڌ جي اڳواڻ حافظ نصرالله چنو چيو ته سڀ کان پھريان سنڌ جي ماڻھن کي گھرجي ته زرداري کي ووٽ ڏيڻ جي گناھ تي توبھ تائب ٿين ته جيئن اھڙيون مصيبتون ٻيھر نه اچن. زرداريءَ کي به گھرجي ته ست ڪروڙ سنڌي ماڻھن کي سنڌو جي پاڻيء کان محروم ڪرڻ واري ڏوھ ۾ توبه تائب ڪري اعلان واپس وٺي .ڪمپني کي به ڪجھ سمجھ ۾  نه پيو اچي . ھن چيو ته اسين سنڌ لاء ھر وقت گڏ آھيون. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن (عورت شاخ) ڪراچي جي صدر شبنم موتي چيو ته پاڪستان ٺھڻ سان ئي اسان کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رھي آھي. پروفيسر سليم ميمڻ پڻ خطاب ڪيو.ريلي ۾ عائشه ڌاريجو ، ڪامريڊ حسين فاطمي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.