اسلام آباد(بيورو /م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ عمر ايوب حڪومتي اتحاد تي شديد تنقيد ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي پاڻي تي قبضو ڪيو ويو آهي ۽ آصف زرداري سنڌ جو پاڻي وڪڻي هاڻ واڳون وارا ڳوڙها پيو ڳاڙي. اسلام آباد ۾ استحڪام پاڪستان ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي قومي اسيمبلي ۾ عمر ايوب چيو ته چيو ويندو آهي ته پاڪستان کي هارڊ اسٽيٽ ٿيڻ گهرجي، جڏهن پاڪستان ۾ استحڪام ناهي ۽ قانون جي حڪمراني ناهي، ته پوءِ هارڊ اسٽيٽ ڪيئن بڻيو ويندو؟ عمر ايوب چيو ته رياست جي تعريف ڇا آهي؟ رياست مجلس شورٰي آهي، فوج، انٽيليجنس ايجنسيون رياست جا اوزار آهن، هتي ته چوڪيدار اٿي چوي ته مان گهر هلائيندس. هن چيو ته جڏهن اسان سچ ٻڌائڻ شروع ڪندا آهيون ته پوءِ ٽي وي جي فيڊ ڪٽ ٿي وڃي ٿي، بلوچستان وارا چون ٿا ته جبري گمشدگيون ختم ڪريو ۽ وسيلن تي اسان جو حق ڏيو. سنڌ جي پاڻي تي قبضو ڪرڻ بعد گڏيل مفادن جي ڪائونسل جو اجلاس ئي ناهي ٿيو، آصف زرداري پاڻ سنڌ جو پاڻي وڪڻيو. هن چيو ته جولاءِ 2024 ۾ ايوان صدر ۾ گرين انيشئيٽو جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سڀئي شيون موجود آهن ۽ ان تي آصف علي زرداري دستخط ڪيا آهن. قائد حزب اختلاف چيو ته جعفر ايڪسپريس انٽيليجنس جي ناڪامي هئي، پر انٽيليجنس وارا ڊالر کڻي اسان ۽ ميڊيا جي پوئتي گهمي رهيا آهن.