لاڙڪاڻي ۾ جسقم ريلي تي فائرنگ، چوٿين جماعت جو شاگرد زخمي

 لاڙڪاڻو(رپورٽ:عبدالوحيد  ابڙو) لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد رحمت پور گاسليٽ ڊيپو واري علائقي ۾ مبينا طور جسقم جي ريلي مٿان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ چوٿين جماعت جو نينگر شاگرد عيان علي پٽ آصف علي کجڙ سخت زخمي ٿي پيو، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو . زخمي نينگر کي وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي چاچي انيس کجڙ دانهيندي الزام لڳايو ته جسقم جي ڪئنالن خلاف گاسليٽ ڊيپو واري علائقي مان ريلي گذري رهي هئي جنهن دوران علائقي جي بااثرن اعجاز علي ڏونگر، زبير احمد ڏونگر پنهنجي ٻن هٿياربندن سان گڏجي ريلي مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ منهنجو ڀائيٽو زخمي ٿي پيو، ڊاڪٽرن سندس جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي آهي.

 ويتر هٿياربند اسان کي فون ڪري ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.