ڪراچي (رپورٽر) آبپاشي کاتي گهوٽڪي مالي سال 2024-2025 لاءِ پلن جي تعمير، شاخن جي بحالي جي ترقياتي ڪمن لاءِ 28 ڪروڙ جو ڪم ڪرائڻ بدران ڪاغذن ۾ خرچ ڏيکاري آبپاشي کاتي گهوٽڪي انوکو ڪم ڪري ڇڏيو. ذريعن عوامي آواز کي ٻڌايو آهي فيڊر ڪينال جي کوٽائي جي مد ۾ 14 ڪروڙ 77 لک ۽ ميرپور ڊويزن ۾ 13 ڪروڙ 86 لک خرچ ڏيکاريا ويا آهن، پر ميرپور ماٿيلو ڊويزن ۾ ڪنهن به شاخ تي نئين پل تعمير نه ئي وري شاخن جي بحالي وارو ڪم ٿيو آهي، جڏهن ته ماٿيلو-جروار روڊ تي مسو واهه جي پل گذريل ڪيترن ئي سالن کان ٽٽل ۽ شاخن جون پلون پڻ ناڪارا بڻيل آهن. عوامي آواز کي مليل دستاويزنموجب پلن تعمير ۽ شاخن جي بحالي لاءِ سالياني ترقياتي پروگرام تحت آبپاشي کاتي ڪروڙين روپيا خرچ ڏيکاريو ويو آهي، گهوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلو ڊويزن ۾ ڪا به نئين پل تعمير نه ٿي آهي نه وري شاخن جي بحالي وارو ڪم نه ٿي سگهيو ۽ ماٿيلو-جروار روڊ تي شاخن جون پلون ناڪارا بڻيل آهن. ڪئنالن ۽ شاخن ۾ پاڻي موجود هجڻ باوجود شاخن جي کاٽي من پسند ماڻهن کي ٺيڪو ڏئي مٽي کنئي پئي وڃي. گهوٽڪي فيڊر مان نڪرندڙ شاخن ۽ واهن جي کاٽي ۽ مرمت لاءِ آيل ڪروڙين رپيا جو ڪم صرف ڪاغذن تائين محدود آهن. گهوٽڪي خانپورمهر اوٻاوڙو جي مختلف واهن بمبلي مائينر, ٻنڌ مائنر مسو واه بخاري مائينر, مهرو واھ ڏنگڙُو واه ٽگ مائنر ريتي مانئر جروار مائنر لنڊ مائنر ۽ ٻين شاخن ۽ واهن جي ورهين کان کاٽي نه ٿي سگهي آهي. ٻئي پاسي آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن سنڌ جي صدر ميان عبدالرحيم عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ايريگيشن ڪامورن ڪرپشن جا رڪارد ٽوڙيا ڇڏيا آهن 1200 ٽيوب ويلن مان هڪ هزار ٽيوب ويل خراب پيا آهن جنهن جي مرمت جو ڪم ئي نٿو ٿئي هن وڌيڪ چيو ته واهن جي کاٽي ڪرائي وڃي نه ته وڏو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿيو. ايريگيشن کاتي جا ڪامورن ڪرپشن جي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽ جيڪي ڪرپشن ٿي آهي تن جي جاچ ڪرائي وڃي. ان سلسلي ۾ عوامي آواز پاران شبير ڀٽو ڊائريڪٽر ايريا واٽر گهوٽڪي، ايس ڊي او عبدالمجيد ۽ ايڪسيئن مرپورماٿيلو مزمل لوهر کان موقف وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، پر ڪنهن به ڪال وصول نه ڪئي.