ڪنھن دور ۾ ھڪ ٻئي لاءِ دشمن رھندڙ طالبان ۽ روس اڄ ھڪ ٻئي جي لاءِ دوست آھن ۽ اھي پنھنجا پنھنجا مفاد بچائڻ جي لاءِ ھن وقت کير کنڊ ٿي ويا آھن.روس طالبان تي لاڳو پابندي ختم ڪندي، انهن کي پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيمن جي فهرست مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي. روسي سرڪاري ميڊيا موجب ملڪ جي سپريم ڪورٽ طرفان طالبان تي پابندي هٽائڻ جو فيصلو فوري طور تي لاڳو ٿيندو.طالبان گذريل 20 سالن کان روس ۾ دهشتگرد تنظيمن جي فهرست ۾ شامل آهي، پر هاڻي عدالت جي حڪم کانپوءِ انهن کي ان فهرست مان ڪڍيو ويندو. ياد رھي تھ طالبان تي پابندي باوجود گذريل ڪجهه سالن دوران روسي اختيارين طالبان سان لاڳاپا برقرار رکيا آهن ۽ ماسڪو ۾ طالبان جي وفدن جو استقبال پڻ ڪيو آهي.
2024 جي بهار جي مند ۾ روس ۾ طالبان تان پابندي هٽائڻ لاءِ بل تيار ڪرڻ جون ڪوششون شروع ٿي ويون هيون.مئي 2024 ۾ افغانستان ۾ روس جي سفير، ضمير ڪابلوف،اطلاع ڪيو ھو ته روسي پرڏيهي کاتي ۽ انصاف واري وزارت صدر پيوٽن کي تجويز ڏني آهي ته طالبان کي دهشتگرد تنظيمن جي فهرست مان خارج ڪيو وڃي. ڪابلوف چيو ته ان کان سواءِ، روس افغانستان ۾ طالبان کي جائز اختياري طور تسليم نه ڪري سگهندو.
4 آڪٽوبر تي، ضمير ڪابلوف ٻڌايو تھ طالبان کي دهشتگرد تنظيمن جي فهرست مان ڪڍڻ جو فيصلو اڳ ۾ ئي اعليٰ سطح تي ٿي چڪو آهي، ھاڻي رڳو ان جي قانوني طريقيڪار جي پيروي ڪئي ويندي.ساڳئي ڏينهن، روس جي فيڊرل سيڪيورٽي سروس جي ڊائريڪٽر اليگزينڊر بورٽنيڪوف چيو ته سندس ايجنسي طالبان کي دهشتگرد تنظيمن جي فهرست مان ڪڍڻ جو ڪم مڪمل ڪري رهي آهي.هن چيو ته افغانستان ۾ حڪمران طالبان جي ڪاررواين جو مقصد ملڪ ۾امن قائم ڪرڻ ۽ استحڪام برقرار رکڻ آهي. هن اهو به چيو ته طالبان داعش خلاف وڙهڻ لاءِ پنهنجي تياري ڪري رهيا آهن.پر طالبان مٿان پابندي هٽائڻ لاءِ صرف بيان ڪافي نه هئا، تنهن ڪري 26 نومبر تي روسي اسيمبلي، اسٽيٽ ڊوما ۾ هڪ بل پيش ڪيو ويو، جنهن تحت طالبان جي سرگرمين تي پابندي عارضي طور تي هٽائي سگهجي ٿي.
بل جي وضاحتي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته روسي قانون "اهڙو طريقو مهيا نٿو ڪري جيڪو دهشتگرد تنظيم جي سرگرمين تي پابندي کي معطل ڪرڻ جي اجازت ڏئي.”28 ڊسمبر تي صدر پيوٽن ان بل تي صحيح ڪئي ھئي.بل موجب، هن پابندي کي معطل ڪرڻ لاءِ، ملڪ جي پراسيڪيوٽر جنرل (يا سندس نائب ) طرفان ڪيس داخل ڪرڻو پوندو، جنهن کان پوءِ ان تي عدالتي فيصلو ڪيو ويندو.سن 1996 کان 2001 تائين افغانستان تي حڪومت ڪندڙ طالبان کي سن 2003 ۾ روس پاران دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو ويو ۽ ان مٿان پابندي لڳائي وئي ھئي.
گذريل 20 سالن کان، طالبان سان لاڳاپن جي شڪ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن خلاف ڪيس بھ هلايا ويا آهن. نه رڳو اهو، پر روس ۾ طالبان جي حمايت ڪندڙ فردن تي ‘دهشتگردي جو دفاع’ ڪرڻ جو الزام پڻ لڳايو ويو.روسي اختيارين جو طالبان جي حوالي سان رويو تڏهن تبديل ٿيڻ لڳو جڏهن طالبان پابندي مڙهيل انتهاپسند تنظيم اسلامڪ اسٽيٽ (داعش) خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.2015 ۾ افغانستان لاءِ روس جي خاص نمائندي، ضمير ڪابلوف، چيو ته روس ۽ طالبان جا اسلامي رياست خلاف جنگ ۾ گڏيل مفاد آهن.2018 ۾ طالبان پهريون ڀيرو هڪ وفد روس سان ڳالهين لاءِ ماسڪو پهتو. انهن ڳالهين ۾ روس جي نمائندگي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ڪئي.روسي پرڏيھي وزير ڳالهين جي وضاحت اسلام پسندن کي "هٿياربند جدوجهد کي ڇڏي ڏيڻ ۽ حڪومت سان ڳالهين ۾ داخل ٿيڻ” لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش طور ڪئي.پوءِ، فيبروري 2019 ۾ طالبان ‘انٽرا افغان ڊائيلاگ فورم’ ۾ حصو وٺڻ لاءِ ماسڪو آيا. ساڳئي سال مئي ۾طالبان جو هڪ ٻيو وفد افغانستان ۽ روس جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 100 هين سالگرهه جي موقعي تي ماسڪو آيو. ان موقعي تي، سرگئي لاوروف طالبان وفد جو عوامي ۽ ذاتي طور تي استقبال ڪيو.
جڏهن سوشل ميڊيا تي ان بابت تنقيد ڪئي وئي تھ روسي پرڏيهي وزارت هڪ بيان جاري ڪيو ته ان کي پنهنجي ساک جو ڪو به خطرو نظر نه آيو آھي.سن2021 ۾ افغانستان مان آمريڪا جي واپسي کان پوءِ، سرگئي لاوروف طالبان کي "سمجھدار ماڻهو” سڏيو. افغانستان ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ روسي حڪومت جو طالبان سان رويو وڌيڪ نرم ٿي ويو.