سنڌ سراپا احتجاج ۽ وفاق جي هٺ ڌرمي

تحرير: عبدالقادر لاشاري

اڄ جڏهن سنڌو درياءَ  تي نڪرندڙ ڇهن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌ ڌرتي جو ٻچو ٻچو روڊ رستن تي نڪتل آھي ايتري حد تائين جو آڻين ۽ چاڙهين جي پوزيشن رکندڙ پورهيت به احتجاج ۾ شامل آھي ۽ ان کي خبر به آھي ته جنهن ڏينهن هو مزدوري ته نه ويندو ته ان ڏينهن شايد ئي سندس گهر جي چلھه ٻري سگهي پر پوءِ  به هو عارضي طور گهر ڀاتين کي بک تي ڇڏي قومي فرض کي آڏو رکي ميدان ملهائي پيو.

اهڙي صورتحال ۾ به جيڪڏهن وفاقي حڪومت جا ذميوا نمائندا هن هيڏي متل ممڻ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ  ٻرندي تي پاڻي هارڻ وارو ڪم ڪرڻ بدران تيل ڇڙڪڻ وارو ڪم ڪري رهيا آھن،  هتي وفاقي حڪومت جي ڪهڙن ذميوار ماڻھن جا نالا لکجن جن کي ذميواري ته وفاق يعني پوري ملڪ جي مليل آھي پر هو مڪمل طور تي دفاع هڪ صوبي جو ڪري رهيا آھن سندن بيانن مان ائين محسوس تي رهيو آھي ته باقي ٽن صوبن جي ماڻھن کي هو صرف نالي ماتر پاڻ سان ڳنڍي وڏو احسان ڪن پيا انهيءَ ڪري ٽن  صوبن جي ماڻھن کي ڪڙمي واري نظر سان ڏسي  ۽ ڳالهائي رهيا آھن پر جيڪا ڳالھه پهرين مٿي ذڪر ڪئي آھي ته اها پنهنجن جي ڪرپا آھي جن جي ڪلهن کي استعمال ڪري اسان سان هيڏا هاڃا ڪيا پيا وڃن.

بهرحال تاريخ جڙي رهي آھي ڪير سنڌ جو پٽ آھي ڪير سنڌ جي سينڌ سجائي رهيو آھي ۽ ڪير آھي جيڪو هن موقعي تي به پنهنجي مفادن کي ميڙي رهيو آھي هي فيصلو ڪنهن فرد جي هٿ ۾ ناهي اهو تاريخ پنهنجي ورڪن ۾ چٽي رهي آھي، هن وقت سنڌ جي واهڻ وستي،شھر شھر، ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڌرتي ماءَ جي ٿڃ ملهائجي رهي آھي ۽ سڀ کان وڏو پرامن احتجاج ٻٻرلو باءِ  پاس وڪيل برادري جي سڏ تي ٿي رهيو آھي جتي سنڌ جي جوڌن جو وڏو انگ موجود آھي جيڪي صرف ئي صرف سنڌ ڌرتي جي حقن جي ڳالھه رکي ويٺل آھن جنهن ۾ اهم معاملو سنڌو درياءِ  تي نڪرندڙ ڇھه نون ڪئنالن وارو منصوبو جنهن کي ختم ڪرائڻو آھي ڇاڪاڻ ته سنڌ کي پهريان ئي پنهنجي حصي جو پاڻي نه پيو ملي وري جيڪڏهن نوان ڪئنال سنڌو درياءَ  تي نڪتا ته سنڌ جي ڌرتي ويتر ڀڙڀانگ ٿي ويندي ٻيو اهم معاملو ڪارپوريٽ فارمنگ آھي جنهن کي گرين پاڪستان جو نالو ڏئي سنڌ جون زمينون حقيقي وارثن جي پيرن کان کسڪايون پيون وڃن هي ترقي ۽ خوشحالي جي آڙ ۾ ٿيندڙ ڦرلٽ، چالڪيون ۽ چالبازيون ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي ئي ڌرتي تي بي گهر ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھه به ناهي انهيءَ ڪري جيڪڏهن وفاق جا ذميوار نمائيندا ڌمڪين واري زبان سان ڳالهائي رهيا آھن اها ڪنهن به ليکي سان عقلمندي نه چئبي، انهيءَ ڪري ڌمڪين واري زبان استعمال ڪرڻ بدران سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جي ورجا جو خاتمو ڪري سنڌ واسين جي آواز کي نيڪ نيتي سان ٻڌي تڪراري سمورن منصوبن کي دفن ڪيو وڃي ۽ هي جيڪو سنڌو درياءَ  تي ڌاڙي، ڪارپريٽ فارمنگ سميت پنهنجن جائز حقن لاءِ  سنڌ مان طوفان اٿي رهيو آھي انهيءَ اڳيان ڪي عارضي رنڊڪون کڙيون ڪري ان جي شدت ۾ اضافو ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.