خواجا سرائن پاران ڪئنالن خلاف اڄ حيدرآباد ۾ مارچ جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) خواجا سرائن، سنڌو ندي تي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف اڄ حيدرآباد ۾ احتجاجي مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. خواجا سرائن جي اڳواڻي ڪندڙ ثناءُ خان، مريم شيخ، مونا، فلڪ ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته خواجا سرا اڄ ڪئنالن جي اڏاوت خلاف اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪندا، سنڌو درياهه هزارين سالن جي تاريخ ۽ تهذيب جو اهڃاڻ آهي، اسان بنا ڪنهن جنسي تفريق جي سنڌو کي بچائڻ نڪتا آهيون، وفاق سنڌ سان ظلم ڪري سنڌ کي تباھه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي، وفاقي حڪومت جا رويا سنڌ دشمن آهن، جن کي سنڌ ۾ رھندڙ ڪو به شهري برداشت نه ڪندو،  ھنن چيو ته سڄي سنڌ جي عوام سان ھن جدوجھد ۾ گڏ آھيون، خواجا سرا پهرين ڏينهن کان وٺي سنڌو درياهه جي تحفظ واري تحريڪ جي حمايت ڪندا احتجاجن ۾ شامل ٿيندا رهيا آهن، ھنن وفاقي حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو ته ڪئنالن جي اڏاوت واري منصوبي جو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته اسان به سنڌ جي لکين ماڻهن سان گڏ روڊ بند ڪري ويهي رهنداسين. پريس ڪانفرنس دوران خواجا سرائن "سنڌو تي ڌاڙو نامنظور ۽ درياهه تي ڌاڙو نامنظور” جهڙا نعرا پڻ هنيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.