ٽريفڪ کي متبادل رستا ڏنا ويا، موٽروي پوليس طرفان اضافي نفري مقرر

سکر: ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي جاري احتجاجي ڌرڻي سبب ٽرئفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي وئي، جنهن کي نظر ۾ رکندي موٽروي پوليس فوري قدم کنيا ۽ مسافرن لاءِ متبادل رستا مقرر ڪيا، موٽروي پوليس جي جاري ڪيل بيان موجب، پنجاب کان خيرپور طرف ايندڙ ٽرئفڪ کي پٽڻي، روهڙي، ڪنڌرا ۽ جيل روڊ وسيلي خيرپور طرف موڙيو ويو، ساڳئي وقت سکر کان ايندڙ گاڏين کي ٻٻرلوءِ شهر جي اندروني رستن تان گذاريو ويو، ٻٻرلوءِ کان خيرپور وڃڻ وارن مسافرن کي صلاح ڏني وئي ته هو پير جو گوٺ، پريالو ۽ ٺيڙهي واري رستي سان خيرپور پهچن، جڏهن ته ڪراچي کان ايندڙ ٽرئفڪ کي ٽنڊو مستي کان لاڙڪاڻي طرف موڙيو ويو، راڻيپور کان ايندڙ ٽرئفڪ کي نگريجا، ڪنب ۽ پراڻي نيشنل هاءِ وي جي طرف موڙيو ويو، جڏھن ته نوابشاهه کان ايندڙن کي منگھيا ناڪي جي مقام تان پراڻي نيشنل هاءِ وي ذريعي خيرپور روانو ڪيو ويو، موٽروي پوليس طرفان اضافي نفري مقرر ڪئي وئي، جيڪا مسافرن کي بروقت رهنمائي ۽ مدد فراهم ڪري رهي هئي، پوليس طرفان عوام کي اڳواٽ اطلاع ڏنو ويو هو ته غير ضروري سفر کان پاسو ڪن ۽ رهنمائي لاءِ هيلپ لائين 130 يا ڪنٽرول روم نمبر 071-9310878 تي رابطو ڪن، موٽروي پوليس جي موثر حڪمت عملي سبب ٽرئفڪ جي رواني وڏي حد تائين بحال رهي ۽ ڪنهن به وڏي حادثي کان بچاءُ ممڪن بڻجي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.