بلوچستان جا مسئلا صرف معاشي ترقي سان حل نٿا ٿي سگهن: رضا رباني

اسلام آباد(بيورو /م ڊ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ميان رضا رباني چيو آهي ته بلوچستان جا مسئلا صرف معاشي ترقي ذريعي حل نٿا ٿي سگهن، بلڪه انهن جو سياسي حل ئي لازمي آهي.اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ رضا رباني چيو ته بلوچستان جي مسئلن جو حل صرف ترقياتي منصوبن ۾ ناهي، پر ان جو حل سياسي اتفاقِ راءِ ذريعي تيار ڪيل جامع سياسي حڪمتِ عملي ۾ آهي. رضا رباني زور ڀريو ته پارليامينٽ ئي اهو ادارو آهي، جيڪو بلوچستان لاءِ ضروري سياسي قدم کڻي سگهي ٿو. هڪ آل پارٽيز پارلياماني ڪميٽي فوري طور تي قائم ڪئي وڃي، جيڪا حقيقي بلوچ قيادت جهڙوڪ مالڪ بلوچ ۽ اختر مينگل سان سڌي رابطو ڪري. لاپتا ماڻهن جو مسئلو حل ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اها پارلياماني ڪميٽي جمعيت علماءِ اسلام (ف) ۽ ٻين جمہوري قوتن سان به رابطو ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.