مٽياري(رپورٽ: ضمير خاصخيلي ) قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد ڊويزن جو 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگخلاف ڀٽ شاھ کان نڪتل درياھ بچايو سنڌ بچايو پيادل مارچ چوٿين ڏينھن سيکاٽ کان قومي گيتن سان جھمريون ھڻي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، ايڊووڪيٽ سائر اياز، سرباز اياز لطيف پليجو، ڊويزنل جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اختيار پنھور، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون ، مٽياري ضلعي صدر ماجد خاصخيلي، زاھد ڀنڀرو، سنڌياڻي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، شازيه احمداڻي، عذرا رند، فضا ملاح، نذير بليدي، معشوق چانڊيو، جمن سولنگي، راجا چانڊيو، فريد ملاح، الطاف کوسو، خادم سمون، آغا عباس، دلشاد سولنگي، نعيم خاصخيلي، اياز علي سولنگي، عبدالغفور کوسو، دلبر اوڏ، راول سيال، علي سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مٽياري پهتو، جتي رات ترسڻ بعد اڄ صبح ٽنڊو سعيد خان طرف روانو ٿيندو، ان موقعي تي الطاف خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ڪئنال ٺاھڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان گڏ ويٺي آھي، سنڌ ۾ عوام کي دوکو ڏيڻ لاءِ احتجاجن جو ڊرامو رچايو ويو آھي. سنڌ جي ماڻھن پيپلز پارٽي جي ڊرامي کي رد ڪري ڇڏيو.