سوديبازي جي سياست، سنڌ جي مزاحمت ۽ عوامي احتساب

تحرير: ساحر ٻپڙ

جڏهن اقتدار جي ميز تي ڌرتيءَ جا سودا ٿين، جڏهن ڪئنالن جي نالي تي درياهه جي وجود تي وار ٿين، جڏهن وسيلن جي ورهاست انصاف سان پر طاقت جي زبان سان ٿئي. تڏهن تاريخ ڪومايل چپن سان ماٺ نه ٿي رهي پر ھڪ مضبوط ۽ جٽادار مزاحمت جي صورت ۾ سامھون اچي ٿي! هن ڌرتيءَ تي ڪيتريون ئي حڪومتون آيون، نعرن جي شور سان سوديبازيءَ جا سوداگر اقتدار ۾ اچي، سنڌ جي سونهن، پاڻي، زمين، ٻيلن ۽ سنڌ جي قومي توڙي ثقافتي ورثن جو واپار ڪندا رهيا. موجوده وقت ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي، جيڪا پاڻ کي سنڌ جي وارث چوي ٿي، بار بار عوامي محبت جي ڪپڙن ۾ ملبوس ٿي ڪري ساڳي سنڌ جي عوام جي وجود کي وفاقي سوديبازين لاءِ وڪڻندي رهي آهي. تاريخي، ثقافتي ۽ وسيلن جي حوالي سان مالا مال رھندڙ سنڌ، اڄ وري ٻيهر نئين غلاميءَ، معاشي استحصال ۽ سياسي ڏاڍ جي گهيري ۾ اچي چڪي آهي. پاڻيءَ جي کوٽ، زرعي بدحالي، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ وفاقي پاليسين جي جبر هيٺ سنڌ جي قومي وجود تي وار ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. پر هاڻ سنڌ جون ڌيئون، سنڌ جا جوان، سنڌ جا شعور رکندڙ ماڻهو ان واپار جي منڊيءَ کي ميسارڻ لاءِ اٿي پيا آهن. عوامي مزاحمتي تحريڪون، سجاڳيءَ جا نعرا ۽ سياسي بيچيني سنڌ جي گهٽين، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ٻُري رهي آهي. هاڻ سنڌ جي شعور، سندس سڃاڻپ، سندس مزاحمت ۽ سندس قوم پرستيءَ جي لهر ٻيهر بيدار ٿي آهي. سنڌ هاڻ صرف شڪايت ناهي ڪري رهي پر سوال پڇي رهي آهي، احتساب گهري رهي آهي ۽ انقلابي تبديليءَ جي طلب ۾ آهي. هيءَ ڌرتي غلاميءَ کان آزاد ٿيڻ چاهي ٿي ۽ ان جي مزاحمت هاڻ فقط نعرا نه پر قومي اتحادي تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، عمل جي واٽ تي قدم وڌي چڪا آھن.

پيپلزپارٽي جي هاڻوڪي ۽ ماضي جي سياست ڪنهن به قوم دوست، زمين دوست ۽ عوام دوست طريقيڪار جي عڪاسي نٿي ڪري. هي پارٽي صرف وقتي نعرا هڻي، عوامي ردعمل کي نرم ڪرڻ لاءِ جذباتي بيان ڏئي، وري وفاق سان سوديبازي جو رستو وٺي ٿي. چونڊن کان اڳ پيپلزپارٽي عوامي ھمدردي جو لباس اوڍي "روٽي، ڪپڙو، مڪان” جا نعرا ۽ "سنڌيت” جي نالي تي سياست ڪندي رهي ٿي. پر چونڊن کان پوءِ ساڳي حڪومت ماڻهن کي ڦرڻ مارڻ، وسيلن جو وڪرو ڪرڻ ۽ قومي آواز کي دٻائڻ جي پاليسي اختيار ڪندي رهي آهي. پيپلزپارٽيءَ جي سياسي حڪمت عملين جو مقصد سدائين عوامي مزاحمتي تحريڪن کي ماٺو ڪرڻ، احتجاجن جي شدت کي گهٽائڻ ۽ عوام جي اڀرندڙ آوازن کي قابو ڪرڻ رهيو آهي. هي پارٽي سدائين عوامي ردعمل کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اهڙيون تدبيرون اختيار ڪندي رهي آهي، جيڪي بظاهر عوام دوست لڳن، پر حقيقت ۾ انهن جو مرڪزي محور حڪومت جي اقتدار کي بچائڻ ۽ وفاق سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ هوندو آهي. مثال طور، جڏهن به سنڌ ۾ ڪا وڏي قدرتي آفت آئي يا عوامي مزاحمتي تحريڪ زور وٺڻ لڳي ٿي ته پيپلزپارٽي فوري طور تي امدادي اعلان ڪندي، رليف ڪئمپون لڳائي، مصنوعي منصوبن جو اعلان ڪري، ميڊيا ذريعي مثبت تصويرون پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ عوامي ردعمل جو رخ نرم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ماڻهن جي احساسن کي سياسي فائدن لاءِ استعمال ڪندي رهي آهي.

 ان کان علاوه، جڏهن به سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙو ھنيو ويو. چاهي اها گئس، پاڻي، زمين ۽ ٻيٽن جي وڪري جي صورت هجي يا سنڌي قوم جي روزگار، تعليم ۽ معيشت کي تباھ ڪرڻ جي صورت ھجي. تڏهن به پيپلزپارٽيءَ جي پهرين حڪمت عملي اها رهي آھي ته عوامي ردعمل کي وقتي طور تي ڳالهين، جاچ ڪميشنن يا پارليامينٽ ۾ آواز اٿارڻ جي اعلانن سان ماٺو ڪيو وڃي. ھي پارٽي ڪيترائي ڀيرا ترقياتي منصوبن جي نالي تي عوام کي لالچ ڏيندي رهي آهي. خاص ڪري اليڪشن کان اڳ مختلف ضلعن ۾ اسپتالن، اسڪولن، روڊ رستن ۽ روزگار جا واعدا ڪيا ويا ته جيئن عوامي ڌيان بنيادي مسئلن تان هٽي ۽ جذباتي نعرا ماڻهن کي مطمئن رکن. انهن حڪمت عملين ۾ اهو به شامل رهيو آهي ته سنڌ جي قومي آواز کي خود پنهنجي قيادت ذريعي "متبادل نمائندگي” ڏئي عوام کي اهو تاثر ڏنو وڃي ته پيپلزپارٽي ئي سنڌ جي وارث آهي. اهڙي حڪمت عملي سان نه صرف قومي تحريڪن جو رخ روڪيو ويو پر ماڻهن ۾ اهڙو نفسياتي جمود پيدا ڪيو ويو، جو اهي مزاحمت بجاءِ ھن پارٽي جي مفاد پرست سياست تي ڀروسو ڪرڻ لڳا.

سنڌ جي زمين، پاڻي، وسيلن ۽ ورثي جي تحفظ لاءِ هلندڙ جدوجهد، هاڻ صرف نعريبازي يا احتجاج تائين محدود ناهي رهي. اها شعور، تجزيي ۽ عوامي مزاحمت جي نئين سطح تي پهچي چڪي آهي. سنڌ جي ڌرتي ساڄي به ڏسي چڪي، کاٻي به. واعدن جا وسڪارا به ٻڌا، منافقت جا طوفان به سٺا. پر هاڻ سنڌ جي شعور کي نه لوليءَ جي ضرورت آهي نه ئي ڪوڙا منشور سندس راھ روڪي سگهن ٿا. پيپلزپارٽي جي سوديباز سياست، ماضي جيان اڄ به سنڌ جي احساسن، دردن ۽ مطالبن کي وقتي نعرا ڏئي ماٺو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر هاڻ سنڌي عوام جو مزاج تبديل ٿي چڪو آهي. نوجوان نسل جي جاڳرتا، سماجي مزاحمت جي نون رنگن ۽ قومي شعور جي واڌ سان اها اميد پيدا ٿي آهي ته سنڌ هاڻ صرف واويلا تائين محدود نه رهندي، پر پنهنجو حق وٺڻ جي سگهھ به رکي ٿي. سنڌ جي مزاحمت فقط نعرا نه رهيا آهن، اها هاڻ هڪ باشعور قومي اتحادي تحريڪ جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. جيڪا پنھنجي بنيادي حقن، وسيلن ۽ ڌرتي جي وارثي لاءِ ميدان تي بيٺل آهي. جدوجهد هاڻ ڪو انتخابي جنجال نه پر وجودي بقا جو سوال بڻجي چڪو آهي.

 اڄ جي سنڌ اهو اعلان ڪري رهي آهي ته "نه وسيلن تي ڌاڙو، نه درياهن جو رستو روڪڻ، نه ڌرتي جي ورثي جو واپار” هاڻ هر سازش جو جواب مزاحمت هوندي ۽ هر سوديبازيءَ جو انجام عوامي احتساب هوندو. سنڌ جا پُٽ ۽ ڌيئون هاڻ تاريخ جي اهڙي موڙ تي بيٺا آهن، جتان واپسيءَ جو رستو بند ۽ اڳتي وڌڻ جو رستو رڳو سچ، مزاحمت ۽ شعور سان روشن آهي. حڪمت عملين جي نالي تي لٽيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙ قوتون هاڻ عوامي عدالت ۾ بي نقاب ٿي رهيون آهن. هيءَ جنگ ڪا نئين ناهي صرف نئون مورچو آهي، اڳي به سنڌي قوم پنھنجي وحدت تي ٿيندڙ ھر وار کي مات ڏئي چڪي آھي ۽ ھاڻ به ھر ھڪ سنڌي قلم سان، عزم سان ۽ سوچ سان ميدان ۾ لھي چڪو آهي. ھتي سوال هي ناهي ته پارٽي ڇا چوي ٿي، سوال هي آهي ته ڌرتي جو وارث ڪير آهي؟ ۽ اهو فيصلو هاڻ سنڌ جو شعور ئي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.