اڄ ڪلهه پاڪستان ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ ھڪ اھم اشو ھلي رھيو آھي جيڪو ھر جڳهھ تي ھر ڪچھري ھر ماڻھو وٽ زير بحث بڻيل آھي ھڪ عام غريب مسڪين ماڻهوءَ کان وٺي ملڪ جي اعلي عھدن تائين پھتل ماڻھن وٽ صرف ھڪ ئي بحث مباحثو هلي رھيو آھي سوشل ميڊيا کان وٺي ملڪ جي ھر ميڊيا ۾ ھڪ ئي خبر ھلي رھي آھي سنڌ جي ھر طرح جي ماڻھن غريب مسڪين امير واپاري ھاري ناري استاد شاگرد وُڪلا تنظيم فنڪار شاعر اديب دانشورن ڪافي برادرين سميت سنڌ جو ٻچو ٻچو گذريل ٻن مھينن کان روڊن رستن چوراھن تي سراپا احتجاج بڻجي صرف ھڪ ئي نعرو لڳائي رھيا آھن ته ، سنڌو درياءَ تي ڌاڙو نامنظور ،، مطلب ته سنڌو درياءَ مان چولستان ڪئنال ذريعي پاڻي کڻي پنجاب جي رِڻ پٽ جھنگ چولستان کي آباد ڪيو پيو وڃي ھي اِشو سنڌ جي ست ڪروڙ عوام جي مرڻ جيئڻ لاءِ سميت سندن زندگيءَ لاءِ جيئري موت آھي ائين کڻي چئجي ته چولستان ڪئنال ٺھڻ مطلب ته سنڌ جي ست ڪروڙ عوام مٿان ايٽم بم ڌماڪو ڪرڻ جيترو ئي خطرناڪ آھي.
حقيقت آھي ته پاڻي زندگي جو جياپو آھي جيڪڏھن پاڻي ناھي ته انسان زندھ نٿو رھي سگھي پاڻي صرف زراعت جي لاءِ ڪافي ناھي پر حقيقت ۾ پاڻي ته انسان جي زندھ رھڻ لاءِ لازم ملزوم آھي ان کان علاوه جيڪڏھن سنڌو درياءَ مان پاڻي سمنڊ ڏانھن ڇوڙ نٿو ٿئي اُن جا وري نقصان اڃا الڳ آھن اھڙي اھم ۽ سيريس مسئلي تي صرف عام ماڻهو نه پر سنڌ جي ھر سياسي پارٽي ڀلي اُھي سنڌ جون قومپرست جماعتون ھجن يا پاڪستان جي حمايت ڪندڙ وفاق پرست سياسي پارٽيون ڇو نه ھجن ھر پارٽي پنھنجي پنھنجي طاقت جي زور تي روڊن رستن تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا ھڻي ھڪ ئي آواز بُلند ڪري نعرا ھڻي رھيون آھن ته، ڪئنال سمورا نامنظور ،، پاڻيءَ تي ڌاڙو نامنظور ،، وڏي ڳالهه ته اھڙي صورتحال سنڌ جي ڪنھن ھڪ وڏي شھر ۾ نه پر سڄي سنڌ جي واھڻ وستي شھر بحر ڳوٺ گھر گھر ۾ ھلي رھي آھي ته سنڌو درياءَ تي ڌاڙو نامنظور اھڙي صورتحال کي ڏسي ائين محسوس ٿي رھيو آھي ته موجوده حالتن ۾ سڄي سنڌ ڀلي پنھنجا ھجن يا پراوا سنڌي ڳالهائڻ وارا سٻاجھڙا سنڌي ھجن يا وري اردو ڳالهائڻ وارا ڀائي لوگ ھجن يا پشتو پنجابي سرائيڪي بلوچي ڳالهائيندڙ سنڌ جا رھاڪو سڀ متحد ٿي ڪري ڪئنالن خلاف حق سچ جو آواز بلند ڪري.
وقت جي سرڪار پنجاب ۽ اسٽبلشمينٽ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري سخت ڪاوڙ ۽ نفرت جو اظھار ڪندي اھڙي منصوبي کي رد ڪندي چتاءُ ڏئي رھيا آھن ته جيڪڏھن زبردستي ڪئنال ٺاھيا ويا ته ڪالاباغ ڊيم خلاف ٿيندڙ ردعمل کان سخت ردعمل ڏئي پنجاب ڏانھن ويندڙ شاھراھن کي مڪمل طور تي بند ڪيو ويندو سنڌ اندر ڪئنالن خلاف ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن ڌرڻن ۾ وڏي سرڪار سميت خاص طور تي پيپلز پارٽي ليڊرشپ صدر پاڪستان آصف علي زرداري خلاف سخت نعري بازي سان گڏ نازيبا ٻولي استعمال ڪري موجوده صورتحال جو ذميوار سمجھيو يا چيو پيو وڃي ته 8 جولاءِ 2024ع ايوان صدر ۾ ٿيندڙ صدارتي اجلاس جو حوالو ڏئي پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ صدر پاڪستان آصف علي زرداري سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏني آھي.
اھڙي اجلاس تي سينئر صحافين اينڪر پرسن تجزئي نگارن ليکڪن خاص ڪري حامد مير ٽاڪ شو ۾ ڳالهائيندي چيو ته ان اجلاس ۾ اھڙي قسم جي ڪا منظوري ناھي ڏني وئي پر حقيقت ۾ اھڙي ڪا ڳالهه ناھي ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري آصف علي زرداري جو اختيار ئي ناھي صدر پاڪستان آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪرڻ دوران چولستان ڪئنال کي رد ڪري ڇڏيو ھو ته ھي ڪئنال نه ٺھڻ گھرجي ھي سڀ ڪجهه اِرسا جو اختيار آھي جيڪو پاڻي جي ورڇ گھٽ وڌ کي ڏسي ٿو. وڏي ڳالهه ته گذريل 17 مھينن کان وزير اعلي سنڌ مراد علي شاھ اِرسا جو اجلاس گھرائڻ لاءِ وزير اعظم توڙي اِرسا چيئرمين کي خط لکي رھيو آھي ته اجلاس گھرائي ڪئنالن تي خدشا ختم ڪيا وڃن پيپلز پارٽي طرفان ڪئنالن خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثريت راءِ سان قرارداد منظور ڪري ڪئنالن کي رد ڪري ڇڏيو آھي قومي اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪرڻ لاءِ اڪثريت نه ھجڻ ڪري ٻين پارٽين سان صلاح مشورو ڪيو ويو ته پي ٽِي آءِ ن ليگ ايم ڪيو ايم وارن انڪار ڪري ڇڏيو پيپلز پارٽي پنھنجي وس آهر ملڪ جي بالادستي خاطر ڪئنالن خلاف ميدان تي لٿل آھي روڊن رستن سان گڏ ايوانن ۾ ڀرپور طريقي سان پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي آھي.
پر افسوس ته ملڪ دشمن قوتون ڪئنالن جي آڙ ۾ پاڪستان کي تباھ ڪرڻ ۽ جمھوريت کي پٽڙي تان لاهڻ لاءِ ڏينھن رات ڪوششون ڪري پيپلز پارٽي تي تنقيد جا تير وسائي رھيون آھن ته پيپلز پارٽي ڪئنال مسئلي تي وفاقي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ته حڪومت گھر ھلي ويندي بلڪل ائين ئي ٿيندو پر ڇا پوءِ ائين ڪرڻ سان ڪئنال ٺھڻ بند ٿي ويندا جيڪڏھن ائين ممڪن آھي ته پيپلز پارٽي کي اقتدار جي قرباني ڏيڻي پوندي جيڪڏھن پيپلز پارٽي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري وفاقي حڪومت گھر ھلي وڃي ملڪ ۾ جمھوريت کي گھر موڪلي مارشل لا لاڳو ڪئي وئي ته پوءِ ان جو ذميوار ڪير ٿيندو ؟پيپلز پارٽي جمھوريت جي لاءِ پنھنجا ليڊر قربان ڪري ڇڏيا اُھا ڪڏھن به نه چاھيندي ته جمھوريت کي ڪو نقصان ٿئي باقي جمھوري طريقي سان رھي ڪري ھر ھنڌ ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاهرا ڌرڻا سياسي جلسا ڪري اقتدار ڌڻين کي ٻڌائي رھي آھي ته سنڌ جو عوام توھان جي ڪئنالن خلاف سراپا احتجاج بڻيل آھي پيپلز پارٽي ذريعن مطابق وفاقي حڪومت طرفان کين وڏيون آڇون ڏنيون پيون وڃن ته ھو ڪئنالن جي حمايت ڪن پر پيپلز پارٽي سندن آفرن کي رد ڪري ميدان تي نڪتل آھي پيپلز پارٽي طرفان 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ ڪئنالن خلاف جلسو ڪرڻ وڃي رهي آھي سندن مطالبو آھي ته چولستان ڪئنال نه ٺھڻ گھرجي جنھن سان سنڌ جا ماڻھو پاڻي جي ڍُڪ لاءِ تڙپندا رھندا حقيقت ۾ اھڙي تڪراري منصوبي کي ٺاھڻ ملڪ دشمنيءَ کان سواءِ ڪجهه نه آھي