مني لانڊرنگ ڪيس:جوابدار ارمغان جي جسماني رمانڊ ۾ 24 اپريل تائين واڌ

ڪراچي(رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙعدالت ۾ مني لانڊرنگ ۽ غيرقانوني ڪال سينٽر هلائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ايف آءِ اي پاران جوابدار ارمغان کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر ارمغان جي وڌيڪ 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر چيو ته  جوابدارن جي ڪيسن جي عبوري چالان پيش ڪرڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر چيو ته پنجاب فارنزڪ ليبارٽري مان جوابدارن کان هٿ ڪيل 18 ليپ ٽاپن اماڻيا ويا آهن، ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر چيو ته جوابدار جا ڪجهھ لاڪر وائيلٽ مليا آهن، انهن کي ڊي ڪوڊ ڪرڻو آهي، عدالت جوابدار جو 24 اپريل تائين جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو آهي، جوابدار ارمغان عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو آهي ته ايف آءِ اي مون تي تشدد نه ڪيو آهي، جوابدار عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي منهنجو طبي معائنو پڻ ڪيو ويو آهي، جوابدار چيو ته مان پنهنجي ماءُ سان ملي چڪو آهيان،جوابدار  پنهنجي ماءُ جي درخواست تي خرم عباس اعواڻ ايڊووڪيٽ جي پاور آف اٽارني تي صحيح ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.