سنڌ ۾ ڊمپر حادثن ۾ واڌ،حڪومت جي خاموشيءَ تي سوال اٿڻ لڳا\بجلي جي چوري روڪڻ جا به انتظام ڪيا وڃن\ڪاليج جا استاد ۽ سندن مطالبا

                                                  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ ڊمپر حادثن هاڻ انساني الميي جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، بدين، ٺٽو ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ روزانو ٿيندڙ اهڙا حادثا عوام لاءِ خوف ۽ بيچينيءَ جو سبب بڻجي ويا آهن، پر افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا اڃا تائين خاموش تماشائي بڻيل آهن.ڊمپر هلائيندڙن جي بي احتياطي، بنا لائسنس گاڏين جي آمدورفت، تيز رفتاري ۽ ناڪارا فٽنيس واريون سواريون سنڌ جي روڊن تي موت جو رقص ڪري رهيون آهن. ڪيترائي نوجوان، بزرگ، ۽ معصوم ٻار انهن حادثن ۾ پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن، جن لاءِ نه ڪو انصاف مليو، نه ئي ڪو ذميوار پڪڙ ۾ آيو.اهي ڊمپر، جن جو اصل ڪم تعميراتي مواد پهچائڻ آهي، اڄ روڊن تي دهشت جو نشان بڻجي چڪا آهن. نه ته انهن جي گاڏين ۾ بريڪ صحيح، نه لائيٽس، ۽ نه ئي ڊرائيورن وٽ مناسب تربيت. ان کان به وڌي ڪري، ڪيترائي ڊرائيور لائسنس کان به محروم آهن. انهن مان ڪيترائي نشي جي حالت ۾ به گاڏيون هلائين ٿا، جيڪا صورتحال کي اڃا وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ٿي.

سنڌ جي هاءِ ويز تي ته حالتن جو حال اڃا وڌيڪ خراب آهي. ڪيترائي ڊمپر مالڪ ۽ ٺيڪيدار سياسي اثر رسوخ رکن ٿا، جن خلاف ڪارروائي ڪرڻ پوليس لاءِ به ممڪن ناهي. نتيجو اهو نڪتو آهي ته قانون صرف ڪمزور ماڻهن لاءِ آهي، جڏهن ته اثر رسوخ وارا بي خوف روڊن تي انساني زندگين سان کيڏندا رهن ٿا.قانون ته موجود آهي، پر ان تي عمل ڪرائڻ وارا ادارا غفلت، لاپرواهي ۽ شايد رشوتن جي ور چڙهيل آهن. پوليس جا اهلڪار، جن جو ڪم آهي رستن تي امن ۽ نظم برقرار رکڻ، اڪثر اهڙن گاڏين کي اکيون ٻوٽي ڇڏين ٿا. نتيجي طور، روز نوان حادثا، نيون لاشون ۽ ماتم ڪندڙ گهر پيدا ٿي رهيا آهن.جيڪڏهن اڄ به حڪومتي ادارا جاڳيا ناهن، ته سڀاڻي اهو موت جو سايو هر گهر تي بيهندو. وقت اچي ويو آهي ته خاموشي ٽوڙي، روڊن تي بي قابو ڊمپرز جي خلاف سنجيده ۽ اثرائتي قدم کنيا وڃن، جيئن بي گناهه انساني حياتيون محفوظ بڻجن. ٻي صورت ۾ اسان سڀاڻي لاءِ پاڻ کي معاف نه ڪري سگهنداسين.

اعجازعلي ملاح /تلھار

وزير اعظم پاران بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ته ڪيو ويو آھي، پر هر مهيني اربين روپين جي جيڪا بجلي چوري ٿي رهي آھي، تنهن جي روڪٿام لاءِ ڪنهن به قسم جي پاليسي نه جوڙي ويئي آھي، بجلي چوري جي سزا بجلي جي انهن صارفين کي ملي رهي آھي جيڪي هڪ سچي پاڪستاني جي حيثيت سان هر مهيني باقائدگي سان بجلي جو بل جمع ڪرائيندا آھن، بجلي جا لکين يونٽ جيڪي چوري جي صورت ۾ ضايع ٿي رهيا آھن، تنهن جو واپڊا ڪمپنين ۽ حڪومت کي به ڪو فائدو نه ٿي رهيو آھي، اهو فائدو ڪمپني ملازمن ۽ بجلي چورن کي ٿي رهيو آھي، هڪ عام واپاري پنهنجي گهر اندر مشڪل سان هڪ ايئر ڪنڊيشن لڳائيندو آھي پر انهي اي سي کي هلائڻ لاءِ به احتياط ڪندو آھي ته ڪٿي بجلي جو بل وڌيڪ نه اچي وڃي، جنهن سان ماهوار بجٽ تي اثر پوي، جڏهن ته بجلي چور جنهن ۾ وڏا وڏا واپاري ۽ آفيسر شامل آھن انهن جي گهرن ۾ ٽي کان چار ايئر ڪنڊيشن موجود آھن، جيڪي ڏينهن رات هلي رهيا آھن ۽ واپڊا ڪمپنين کي نقصان ڏئي رهيا آھن.

 وفاقي حڪومت پاران بجلي جي چوري کي روڪڻ تمام گهڻو ضروري آھي، ڇوته اها وقت جي ضرورت پڻ آھي، بجلي جي چوري روڪڻ سان انهن بجلي صارفين کي اهو فائدو ضرور ٿيندو جيڪي هر مهيني بجلي جو بل قرض کڻي به جمع ڪرائي ڇڏيندا آھن.

 نديم علي خواجه

سنڌ سپلا  ليڪچرارن ۽  پروفيسرس سان سراسر ناانصافيون ٿي رھيون آھن . ليڪچرارن کي ڏھن کان 12 سال گذري چڪا آھن پر ترقيون نه ٿيون ٿين جڏھن ته ڪاليج جي اسٽريڪچر موجود آھي جنھن کي فورٽئير فارمولا چئبو آھي جنھن تي عمل ٿي نه رھيو آھي . انڪري ڪاليج جي استادن احتجاج ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آھي . ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبا مڃڻ جي گھر ڪئي آھي .

سکر ريجن ۾ سپلا جي طرفان ڪاليج جي استادن پنھنجي حقن جي حاصلات جي لاءِ احتجاج ڪيو . جنھن ۾ ڪاليج جي استادن مطالبن، فائيو ٽيئر فارمولا، وقت تي مقرريون، ليڪچرارن جون جلدي ترقيون، ايس اين اي کي روائيز معني سيٽن کي وڌايون وڃي، ايم فل ءِ پي ايڇ ڊي جو الائونس يونيورسٽيءَ جي استادن برابر ڪيو وڃي ايم فل جي لاءِ 15000 ۽ پي ايڇ ڊي جي لاءِ 25000 ھزار مقرر ڪيو وڃي. ميڊيڪل الائونس 1800 بدران 15000 ھزار ڪيو وڃي. نوان ڪاليج کوليا وڃن جنھن ۾ خاص ڪري گرلس ڪاليج کوليا وڃن. جبري بدليون نه ڪيون وڃن ۽ عملي طور فورٽئير فارمولا تي عمل ڪيو وڃي ته جئين ليڪچرار 8 سالن جي عرصي ۾ ترقي حاصل ڪري سگھن.

 ھي سکر ريجن ۾ سپلا جي طرفان احتجاج ڪيو ويو ۽ حڪومت کان گھر ڪئي وئي ته جلد ترقيون ڏنيون وڃن .

شفيق وساڻ

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.