معدنيات ۾ دلچسپي باوجود پاڪستان آمريڪي ترجيحات ۾ شامل نه آھي!

تحرير: زاهد حسين

اسلام آباد  ۾ ٽرمپ انتظاميا جي هڪ سينئر عهديدار جي تازي دوري پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان ڄميل  برف رجڻ جي  اميد  پيدا ڪئي آهي. ڏکڻ ۽ وچ ايشيا لاءِ قائم مقام اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ ايرڪ ميئر آمريڪي وفد جي اڳواڻي ڪئي جيڪو پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم ۾ شرڪت لاءِ آيو هو.پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران هن پاڪستان جي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت سان ملاقات ڪئي. صدر ٽرمپ جي هن سال وائيٽ هائوس ڻ واپسي کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هي پهريون اعليٰ سطحي سرڪاري رابطو هو.

ڳالهين جو مرڪزي نقطو آمريڪي ڪاروباري مفادن کي فروغ ڏيڻ ۽ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ  هو، ان سان گڏ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ سھڪار جاري رکڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ويو.آمريڪا خاص طور تي اهم معدنيات ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي. پاڪستان ۾ دنيا جي سڀ کان وڏن  معدني ذخيرن مان ڪجھھ موجود آهن ۽ حڪومت ان شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي خواهشمند آهي.اسلام آباد ۾ منعقد ٿيل تازي سيڙپڪاري ڪانفرنس هڪ اهڙو پليٽ فارم بڻجي وئي جتي آمريڪي ۽ عالمي اسٽيڪ هولڊرز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن جو جائزو ورتو.

ڪيترين ئي آمريڪي ڪمپنين ملڪ جي وسيع معدني صلاحيت مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ اڀرندڙ معدني شعبي ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي. هن ٻن ڏينهن واري معدني بابر چوٽي جي گڏجاڻي 300 پرڏيهي دعوتين  جي شرڪت پاڪستان جي معدني شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ اميدون پيدا ڪيون آهن، جنھن ۾ مالي وسيلن ۽ ٽيڪنالوجي تائين رسائي جي کوٽ ڪري تاحال ترقي نه ٿي سگهي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف معدني وسيلن کي قومي معيشت جي بحالي کي ڪنجي قرار ڏنو آهي. ھن موجب مطابق ملڪ جي معدني دولت "کريبن ڊالرز ” جي ماليت واري آهي جيڪا معيشت کي بار بار عالمي بيل آئوٽ تي ڀاڙڻ کان جنات ڏياري سگهي ٿي. تازو  ڪجھه سالن ۾ هائيڊرو ڪاربن ۽ سون ۽ ٽامي جا اهم ذخيرا دريافت ٿيا آهن.پاڪستاني عملدار کي خاص طور تي ريئر ارٿ (غيرمعمولي زميني) معدنيات ۾ آمريڪي سيڙپڪاري جي اميد آھي. هي سيڙپڪاري واشنگٽن سان لاڳاپن  کي رڳو سيڪيورٽي سھڪار کان اڳتي وڌائن  مددگار ٿي سگهي ٿي.بھرحال پرڏيهي سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ کان اڳ ڪيترن ئي رڪاوٽن کي دور ڪرڻو پوندو.

جيتوڻيڪ آمريڪي دلچسپي واضح آهي، پاڪستان کي ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻو پوندو. گھڻو ڪري غير استعمال ٿيل معدني ذخيرا خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ واقع آهن، جتي انتهاپسندي ۽ عليحدگي پسندي عروج تي آهي.

جيتوڻيڪ پاڪستاني اختيارين سيڙپڪارن کي مڪمل تحفظ جو يقين ڏياريو آهي، پر تازن دهشتگرد حملن، خاص طور تي بلوچستان ۾ڳڻتي وڌائي ڇڏي آھي.سيڙپڪارن جي خدشن کي دور  ڪرڻ لاءِ وڌيڪ عملي قدمن کڻڻ جي ضرورت آهي.سيڙپڪار پاڪستاني حڪومت جي پر خوش ڪندڙ اندازن تي نھ  پر اقتصادي جٽاداري کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪندا.ان کان علاوه پاڪستان کي پاليسي جي تسلسل کي به يقيني بڻائو پوندو.

سينئر آمريڪي عهديدار جو هي دورو اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان کان درآمد ٿيندڙ شين تي 29 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو آهي، جيڪو ڪيترن ئي ملڪن تي لاڳو ڪيل نون ٽيرف جو حصو آهي. پاڪستان آمريڪي شين ۽ خدمتن تي 58 سيڪڙو ڊيوٽي وصول ڪري ٿو.پاڪستان جي آمريڪا ڏانهن برآمدات ساليانو 6 ارب ڊالر جي آهي، جيڪا ملڪ جي ڪل برآمدات جو 18 سيڪڙو بڻجي ٿي.

 ان مان 75 کان 80 سيڪڙو ڪپڙي جون شيون شامل آهن. آمريڪي قدم پاڪستاني برآمدات تي امڪاني اثرن بابت سنگين خدشا پيدا ڪيا آهن، پر ڪجهه معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان ۾ ڊگهي مدت جا موقعا پڻ موجود ٿي سگهن ٿا.اھي چون ٿا ته آمريڪا پاران چين، بنگلاديش، ويٽنام ۽ ڪمبوڊيا جهڙن وڏن ٽيڪسٽائل  ۾مقابلي ڪندڙن تي وڌيڪ ٽيرف لاڳو ڪرڻ سان پاڪستان لاءِ نوان رستا کلي سگهن ٿا.ٻين برآمدي شين ۾ چمڙي جون شيون، سرجري جا اوزار، چانور، سيمينٽ، اسٽيل جون شيون ۽ لوڻ شامل آهن. گذريل ڪجهه سالن ۾ آمريڪا ڏانهن آءِ ٽي شين جي برآمدات ۾ به خاصي واڌ ٿي آهي.

هڪ اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ آمريڪي ٽيرف تي بحث ڪرڻ لاءِ واشنگٽن وڃي رهيو آهي.

اسلام آباد اشارو ڏنو آهي ته هو آمريڪي شين تي ڊيوٽي جو نئين سر جائزو وٺڻ ۽ درآمدات وڌائڻ لاءِ تيار آهي. پر پاڪستان لاءِ ٽرمپ انتظاميا کان ڪا به رعايت حاصل ڪرڻ آسان نه هوندو.لاڳاپن ۾ منجمند ھئڻ باوجود، ٻنهي ملڪن جي سيڪيورٽي ادارن جي وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي ميدان ۾ سھڪار جاري آهي.

اسلام آباد تازو ئي آمريڪا جي داعش جي هڪ اڳواڻ کي پڪڙڻ ۾ مدد ڪئي، جيڪو آگسٽ 2021 ۾ ڪابل ايئرپورٽ حملي جو مبينا ماسٽر مائينڊ هو، جنهن ۾ درجنين آمريڪي فوجي مارجي ويا هئا.صدر ٽرمپ فيبروري ۾ ڪانگريس کي پنهنجي خطاب ۾ ان سھڪار لاءِ پاڪستاني حڪومت جي تعريف ڪئي ھئي.دهشتگردي جي خاتمي ۾ تعاون يقيني طور تي اسلام آباد ۽ واشنگٽن جي وچ ۾ لاڳاپن کي ڪجهه حد تائين بهتر بڻايو آهي، پر اڃا تائين اهڙا ڪي به نشان نظر نه آيا آهن ته اهي لاڳاپا سيڪيورٽي تعاون کان اڳتي وڌن.

جيتوڻيڪ تازي اعليٰ سطحي آمريڪي دوري يقيني طور تي ڪجهه اميدون پيدا ڪيون آهن،پر پاڪستان آمريڪا لاڳاپن جو مستقبل غير يقيني آهي. آمريڪا اهم معدنيات ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي، پر ڪا به باضابطه  واعدو نه ڪيو آهي. لاڳاپن ۾ ڪجهه بهتري جي باوجود، پاڪستان هن وقت ٽرمپ انتظاميا جي ترجيحن ۾ شامل ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.