ساگر ملاح ۽ امتياز ڀٽي جي جبري گمشدگي خلاف مظاهرا

حيدرآباد(پ ر)جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو،عزيزالله ڀٽو،نواز شاھ ڀاڏائي،غفارميرجت، پنهل جمالي،ذوالفقار بليدي،ايازسولنگي،سلطان دل،ڪمال مهر جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ اندر درياه بچائڻ واري هلندڙ جدوجهد ۽ رد عمل ڏسي حڪمرانن لاقانونيت جون حدون پار ڪري بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪندي پرامن سياسي ڪارڪنن جون جبري گمشدگيون شروع ڪري ڏنيون آھن جنهن جو واضح مثال جيئي سنڌ محاذ ضلعي نوابشاھ اڳواڻ ساگر ملاح ۽ امتياز ڀٽي کي کنڀي گم ڪرڻ آھي،هنن چيو ته  پيپلزپارٽي غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ واري سڄي رٿا جي خالق آھي جبري گمشدگين جي مذمت ٿا ڪريون سنڌ جي ماڻھن جو گڏيل اتحاد ۽ اتفاق آھي ته سنڌو درياهه جيئاپي جو آخري ذريعو آھي ان تي ڪي به ڪئنال ۽ ڊيم قبول ناهي،جڏهن ته جيئي سنڌ محاذ ضلعي اڳواڻ ساگر ملاح ۽ امتياز ڀٽي جي آزادي لاءِوارھ . شڪارپور، ڪنري، سڪرنڊ، نوابشاھ، حيدرآباد، ميرپور ماٿيلو ، ڪراچي، سميت ٻين شھرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.