ڪراچي( رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ وڏي وزير مراد علي شاه طرفان ”ڪنهن به دريا تي ڪئنال ٺهڻ نهڏينداسين، ڳالهه نه ٻڌي وئي ته حڪومت ڇڏڻ ۾ منٽ به دير نه ڪنداسين“ واري بيان کي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر قرار ڏيندي چيو ته پ پ قومي مجرم آهي، جنهن پارٽي جي صدر پاڻ ڪئنال ٺهڻ جي اجازت ڏني آهي، هاڻي وري واويلا عوامي پريشر ۽ فيس سيونگ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي،هن چيو ته جيڪڏهن پ پ جي قيادت ۽ وفاق پنهنجي غير جمهوري روش برقرار رکي ته پوءِ ڪي پي ۽ بلوچستان کان بعد سنڌ ۾ به حالتون سندن ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي وينديون ڇو ته سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي حقن ۽ دنگن جي حفاظت لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي