سنڌو جي وهڪرن کي ٻيهر اوج ڏيڻ لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين جدوجهد جاري رهندي:نياز ڪالاڻي

ڪراچي(رپورٽر)جسقم شهيد بشير خان جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آھي تھ سنڌو جي وهڪرن کي ٻيهر اوج ڏيڻ لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين سنڌ پنهنجي پرامن جدوجهد جاري رکندي، اسانجو پورهيو پگهر ۽ سڙندڙ رت سنڌو ماٿري جي تهذيب جي تخليقڪار ۽ وطن کي حياتي بخشيندڙ سنڌو دريا لاءِ آهي، ڪالھھ جسقم شهيد بشير خان پاران ڪالھھ آچر تي چوٿين ڏينهن به 20 ساٿين جي ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌو درياء مان وڌيڪ 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي زمينون ٻين ملڪن جي حوالي ڪرڻ خلاف هلندڙ جدوجهد جو چوٿون ڏينهن مڪمل ٿيو. جڏھن به ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ عطا الله شاهاڻي جي طبعيت ڳڻتي جوڳي رهي، هنن اسپتال وڃڻ کان انڪار ڪيو،  بک ھڙتال تي ويٺلن سان جونيئر ذوالفقار ڀٽو، رياض چانڊيو، سيد منير حيدر شاھ، جڳديش آهوجا پھچي يڪجھتي جو اظھار ڪيو، ايس يو پي وفد ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي کي زين شاھھ جو پيغام پھچايو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي وڌيڪ چيو تھ پاڻي بحران قدرتي نه پر رياستي نا انصافي ۽ حڪمرانن جي غلط پاليسي جو نتيجو آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي ذريعي سنڌين ۽ سرائيڪن کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪيو پيو وڃي، جسقم شهيد بشير خان جي مرڪزي آرگنائيزر پنهل ساريو ۽ انفارميشن شعبي جو مرڪزي اڳواڻ رياض جمالي چيو ته  اسانجي 20 ساٿين لڳاتار بک هڙتال تي ويهي جان جوکي ۾ وڌي آهي ان بک هڙتال جي حمايت ۾ اڄ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا پيا وڃن، سنڌو درياء سنڌ جي قومي ملڪيت آهي ۽ جياپي جو واحد وسيلو آهي، جڏھن تھ ايس يو پي وفد سيد منير حيدر شاھ ۽ جڳديش آهوجا جي اڳواڻي ۾ بک هڙتالي ڪيمپ تي پهچي درياء بچايو ڪميٽي جي سرواڻ سيد زين شاه جي توسط سان ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي کي پيغام ڏنو ته جيئن ته جسقم شهيد بشير خان 42 پارٽين جي درياء بچايو ڪميٽي اتحاد ۾ شامل آهي ۽ اتحاد طرفان پهريون وڏو احتجاج حيدرآباد ۾ 19 اپريل تي ٿي رهيو آهي انڪري 20 اپريل تي بک هڙتال ختم ڪرڻ بجاءِ بک هڙتال کي پهرين ختم ڪري ٿيندڙ احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته آئون پنهنجي پارٽي جي ٻين عهديدارن سان ڳالهائي ۽ انهن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانپوءِ ڪو مثبت جواب ڏيندس. جڏھن تھ بُک هڙتالي ڪئمپ تي مختلف سياسي سماجي. شاگردن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، صحافين ۽ فنڪارن جو آمد جو سلسلو جاري، جونيئر ذوالفقار ڀٽو، جسم اڳواڻ رياض چانڊيو، ايس يو پي وفد سيد منير حيدر شاھ، جڳديش آهوجا، سورٺ لوهار، همسفر گاڏهي، آصف بالادي، صحافڻ وينگس منگي، ڊاڪٽر حميد سبزوئي، ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو، مشتاق سرڪي، جيئي سنڌ محاذ جو اڳواڻ ممتاز بروھي، ستارا ڌاريجو، مجيب چولياڻي، صحافي  شڪيل سومرو، اصغر بروھي  ايڊوڪيٽ زبير کهاوڙ، ايڊوڪيٽ ڪي بي لغاري، ايڊوڪيٽ مظهر ميمڻ، ايڊوڪيٽ ڌڻي بخش سولنگي، سهيل ميراڻي، غني عاجز،  ايڊوڪيٽ عبدالطيف ميربحر، ايس يو پي اڳواڻ مخدوم شمس، فتح محمد خاصخيلي، قومي راڳي سرمد اياز  ۽ ٻين بک هڙتالي ڪيمپ تي پهچي يڪجھتي جو اظھار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.