ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ ڳري گاڏين وڌيڪ ٻه حياتيون کسي ورتيون، نيو چالي ۾ هڪ ٽرالر ٻن موٽرسائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو، حادثي کان فوري بعد پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، فوت ٿيل نوجوانن جي سڃاڻپ زاهد ۽ نور محمد جي نالي سان ٿي آهي، ٻئي لياري عثمان آباد جا رهواسي ۽ دوست هئا، ياد رهي ته گذريل ڏينهن بلديا ٽائون ۾ ٽينڪر جي ٽڪر ۾ هڪ ٻار فوت ٿي ويو هو.