آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گھڻي تڪڙ ۾ آهي.صدارت سنڀالڻ جي ڪجهه مهينن اندر، هن غزه ۽ يوڪرين ۾ امن ٺاھ ڪرايا.پر ناڪام ٿيو. ھو يمن تي بمباري ڪري چڪوآهي، هڪ عالمي واپاري جنگ ڇيڙي ويٺو آهي ۽ هاڻي هن جو ڌيان ايران تي آهي. ٽرمپ لاءِ، ايران سندس پهرين دور کان هڪ اڌورو رھجي ويل ڪم رهيو آهي.مسئلو ساڳيو آهي جيڪو ان وقت هو: ڪھڙي ريت ايران کي ايٽمي هٿيارن حاصل ڪرڻ کان روڪي سگهجي ٿو؟ايران ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي خواھش کان انڪار ڪندو رھي ٿو، پر ٻيا ملڪ سمجهن ٿا ته ايران گهٽ ۾ گهٽ ايٽمي وار ھيڊ ٺاهڻ جي صلاحيت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.جنھن ڪري وچ اوڀر ۾ هٿيارن جي ڊوڙ يا خاص جنگ ڇڙي سگهي ٿي.
2015 ۾، ايران آمريڪا، برطانيه، فرانس، جرمني، روس ۽ چين سان ” جوائنٽ ڪمپريھينسو پلان آف ايڪشن ” ٺاھ ڪيو ھو.جنھن تحت، ايران کي ايٽمي ارادن کي محدود ڪرڻو هو ۽ عالمي انسپيڪٽرن کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ ۽ معائنو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻي هئي، بدلي ۾ اقتصادي پابنديون ختم ٿيڻيون هيون.پر ٽرمپ 2018 ۾ آمريڪا کي ڊيل کان الڳ ڪري ڇڏيو ۽ دعويٰ ڪئي ته ايران حماس ۽ حزب الله جهڙين ايراني مليشيا کي فنڊ ڪري ٿو ۽ دهشتگردي کي هٿي ڏئي ٿو. معاهدي کان دستبردار ٿيڻ کان پوءِ، آمريڪا ايران تي ٻيهر پابنديون لاڳو ڪيون.جواب ۾ايران به معاهدي جي ڪجهه پابندين کي نظرانداز ڪيو ۽ يورينيم ايٽمي ٻارڻ تي ڪم ڪيو.
تجزيه نگارن سمجھن ٿا ته ايران جلد ئي ايٽمي وار هيڊ ٺاهڻ لاءِ گهربل يورينيم حاصل ڪري سگهي ٿو. ايٽمي توانائي جي عالمي ايجنسي جو اندازو آهي ته ايران جي 60 سيڪڙو افزوده يورينيم جي ذخيري کي اڳئين مرحلي ۾ افزوده ڪيو وڃي ته هو اٽڪل ڇهه مھينن ۾ بم ٺاهي سگهي ٿو.ٽرمپ پنھنجي پراڻي دور جي پاليسي تي ڪم شروع ڪري ڏنو آھي.
4 فيبروري تي ايران تي وڌيڪ پابندي جي هڪ ياداشت تي دستخط ڪئي آھي.ان ۾ پابندين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ملڪن کي سزا ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو، خاص طور تي اهي ملڪ جيڪي ايراني تيل خريد ڪن ٿا.گذريل مهيني صدر ٽرمپ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي کي هڪ خط لکيو. جنهن ۾ ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي.تازو عمان ۾ آمريڪي ۽ ايراني عملدارن سڌين ڳالهين تي اتفاق ڪيو آھي.ايران لاءِ آمريڪا جو خطرو واضح آهي: ڪنهن معاهدي تي راضي ٿيو يا فوجي ڪارروائي کي منهن ڏيو.ٽرمپ وري چيو آھي تھ ايران سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته مون کي لڳي ٿو ته ايران وڏي خطري ۾ پئجي سگهي ٿو.
موٽ ۾ تهران ۾ ڪجهه پاليسي ساز هڪ اهڙي معاهدي تي متفق ٿيڻ لاءِ تيار نظر اچن ٿا جيڪو پابنديون ختم ڪندو.ايران جي معيشت مشڪلات ۾ آهي.پر اهڙي ٺاھ ۾ڪو اھڙو سمجهوتو شامل ٿي سگهي ٿو جيڪو ڪجهه سخت گير ماڻهن کي قبول ڪرڻ ڏکيو لڳي سگهي ٿو.ايران لاءِ ٻيون مشڪلات بھ آھن. اسرائيل خلاف جنگ دوران ان جون "پراڪسي مليشيا” ڪمزور ٿيون آهن، ۽ ھن جو علائقائي اتحادي، شام ھٿ مان نڪري ويو آھي.ڪنهن به ايٽمي افزودگي تي مڪمل پابندي، جيتوڻيڪ پرامن مقصدن لاءِ، ڊگهي عرصي کان ايران لاءِ آخري ڳاڙهي لڪير ھوندي.ايراني ماھر هاڻي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ بابت ڏهه سال اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻن ٿا.ان حوالي سان ايران جو بھ اھم ڪردار آھي.جيڪو پس منظر ۾ آھي. ڳالهين ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ ڇا ٿي سگھي ٿو ؟ اسرائيل ڊگهي عرصي کان ايران جي ايٽمي صلاحيتن کي تباهه ڪرڻ لاءِ فوجي آپشن تي سوچي رھيو آھي.پر ان جو وڏو حصو زير زمين بنڪرن ۾ آهي.
ماھرن جو چوڻ آھي تھ اسرائيل کي ايران تي بمباري ڪرڻ لاءِ نه رڳو آمريڪي مدد جي ضرورت پوندي، پر ان کي ايٽمي سهولتن جي تباهي جي ضمانت لاءِ ايراني سرزمين تي آمريڪي فوج جي موجودگي جي به ضرورت پوندي.ان جو مطلب اهو آهي ته فوجي ڪارروائي خطرناڪ هوندي ۽ ان جي ڪاميابي جي ڪنهن به طرح ضمانت نه ٿي ڏئي سگهجي.ٽرمپ اهو به واعدو ڪيو آهي ته هو وڌيڪ ”پائيدار جنگيون“ شروع نه ڪندو ۽ هڪ مڪمل پيماني تي علائقائي تڪرار جنهن ۾ ايران ڪردار ادا ڪري ٿو، اهڙي جنگ مان هڪ بڻجي سگهي ٿي.آمريڪي صدر هن وقت هڪ اهڙو سفارتي حل ڳولي رهيو آهي جيڪو اسرائيل کي پنهنجي مرضي جي خلاف قبول ڪرڻو پوندو.صدر ٽرمپ ڌرين کي ٺاھ تي پهچڻ لاءِ ٻه مهينا ڏئي رهيو آهي، پر جيڪڏهن ڪو معاهدو نه ٿيو ته هو طاقت استعمال ڪرڻ جو حق محفوظ رکي رهيو آهي، جنهن جا نتيجا تباهي ڪندڙ ٿي سگهن ٿا.
4 فيبروري تي ايران تي وڌيڪ پابندي جي هڪ يادداشت تي دستخط ڪئي آھي.ان ۾ پابندين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ملڪن کي سزا ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو، خاص طور تي اهي ملڪ جيڪي ايراني تيل خريد ڪن ٿا.گذريل مهيني صدر ٽرمپ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي کي هڪ خط لکيو. جنهن ۾ ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي.تازو عمان ۾ آمريڪي ۽ ايراني عملدارن سڌين ڳالهين تي اتفاق ڪيو آھي.ايران لاءِ آمريڪا جو خطرو واضح آهي: ڪنهن معاهدي تي راضي ٿيو يا فوجي ڪارروائي کي منهن ڏيو.ٽرمپ وري چيو آھي تھ ايران سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته مون کي لڳي ٿو ته ايران وڏي خطري ۾ پئجي سگهي ٿو.