ڪراچي ۾ حادثا ۽ واقعا، ٽئنڪر جي ٽڪر ۾ اهلڪار فوت

 ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڌارڌار حادثن ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. لياري ايڪسپريس وي عيسي نگري جي ڀرسان روڊ حادثي ۾ ھڪ نامعلوم شخص فوت ٿي ويو آهي. بلال کان ويٽا چورنگي ويندي ٽينڪر جي ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار سرڪاري اداري جي اھلڪار فوت ٿي ويو آخري اطلاع تائين فوتي جي لاش جي سڃاڻپ ناھي ٿي سگهي. ڪورنگي جي علائقي الله والا ٽائون رحمتي مسجد جي ڀرسان گھر مان ھڪ شخص 56 سالن جي وسيم احمد ولد نفيس احمد جو ڦندو ٻڌل لاش مليو آهي. گڏاپ سٽي موٽر وي تي ڪراچي کان حيدر آباد ويندي روڊ حادثي ۾ 50 سالن جو رضا محمد فوت ٿي ويو آهي. ڊي ايڇ اي فيز 7 جي علائقي 27 سگنيچر بلڊنگ جي ڀرسان بجلي ٿنڀو ڪرڻ جي نتيجي ۾ برڪت الله ھيٺان اچي فوت ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.