ميرپورخاص(بيورورپورٽ) سينٽرل جيل ميرپورخاص ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ليڊي پوليس اهلڪار مهوش جروار جو لاش سندس ڪوارٽر اندر وردي ۾ پکي جي ڪنڊي ۾ رسي ۾ لٽڪيل لاش هٿ آيو آهي، جيل پوليس جي ڪوارٽر ۾ ليڊي پوليس اهلڪار جو لاش ٽنگيل هجڻ جو اطلاع ملڻ تي حد جي سٽلائٽ ٽائون ٿاڻي جو ايس ايڇ او غازي خان راڄڙ، وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او مومل شاهين لغاري واقعي واري هند پهتا، سٽلائٽ ٽائون پوليس ٽنگيل لاش کي لهرائي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال پهچايو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ليڊي پوليس اهلڪار جي لاش گھر پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو، ليڊي پوليس اهلڪار جي امڙ سميت ٻين وارثن پاران ليڊي پوليس اهلڪار کي سندس مڙس پارانمبينا طور قتل ڪرڻ جو الزام هڻڻ تي پوليس ليڊي پوليس اهلڪار جي مڙس گل محمد پٺاڻ کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ظاهري طور تي واقعو آپگھات لڳي رهيو آهي، پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ حقيقت سامهون ايندي، مڙس جي گرفتاري جي حوالي سان پڇيل سوال تي هن چيو ته ليڊي پوليس اهلڪار جي وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي ان لاءِ مهوش جي مڙس کي شڪ جي بنياد تي پڇا ڳاڇا لاءِ ٿاڻي تي ويهاريو آهي کيس فلحال گرفتار نه ڪيو ويو آهي.