ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي ٽينڪر سروس معطل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شهر جي سڀني ستن هائيڊرنٽس تان ٽينڪر غائب ٿي ويا آهن.
واٽر بورڊ جي عملدارن موجب لانڍي ۽ شيرپائو هائيڊرنٽس تي پاڻي موجود ئي ناهي، جڏهن ته نِيپا ۽ صفورا هائيڊرنٽس تان رڳو ايمرجنسي سروسز ۽ اسپتالن کي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي.
واٽر بورڊ جي اختيارين جو چوڻ آهي ته بلديا، ڪياماڙي ۽ سخي حسن هائيڊرنٽس تي پاڻي ته موجود آهي، پر ٽينڪر دستياب نه آهن.
واضح رهي ته نارٿ ڪراچي ۾ پاور هائوس چورنگي ويجهو ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار زخمي ٿي پيو، جنهن کانپوءِ مڇريل ماڻهن ستن ڊمپرن کي باهه ڏئي ڇڏي.
پوليس موجب، چئن ڊمپرن کي ناگن چورنگي ۽ ٽن کي فور ڪي چورنگي ويجهو ساڙيو ويو، جڏهن ته فائر ٽينڊرز جي مدد سان باهه تي ضابطو آندو ويو.
You might also like