ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي کي دهشتگري، منشيات ۽ ٻين ڏوهن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جوڳا قدم کنيا ويندا.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ اپيڪس ڪميٽي جو 32 هون اجلاس ٿيو.
وڏي وزير اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تحت صوبن ۾ اپيڪس ڪميٽي قائم ڪئي وئي، سنڌ ۾ باقاعده اپيڪس ڪميٽي جا اجلاس ٿيندا رهيا آهن، سنڌ حڪومت جي اثرائتي پاليسي سبب دهشتگردي تي قابو پائڻ ۾ مدد ملي آهي.
هن چيو ته دهشتگردي، منشيات ۽ ٻين ڏوهن خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جاري آهي، جنهنڪري ڪنهن به شهري کي پريشاني ناهي.
مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ ڪراچي ۾ ٻه سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن، صوبي ۾ 31 فرينڊلي پوليس ٿاڻا قائم ڪري رهيا آهيون.
اجلاس ۾ بريفنگ دوران ڄاڻايو ويو ته ڏهه پوليس ٿاڻن کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي ۽ ٻين تي ڪم جاري آهي، هٿيارن جي نمائش تي قلم 144 تحت پابندي لڳائي وئي آهي.
وڏي وزير خانگي گاڏين ۾ سول ڪپڙن ۾ گارڊن خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جي هدايت ڏني.
بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته گاڏين تي پوليس لائٽن، رنگين شيشن، فينسي نمبر پليٽن ۽ هٿيارن جي نمائش خلاف 1474 ايف آءِ آرز داخل ٿيون آهن، جن تي 34.6 ملين روپيا ڏنڊ اوڳاڙيو ويو آهي.
ڪو به شهري پريشان ناهي، دهشتگري، منشيات ۽ ٻين ڏوهن جي خاتمي لاءِ جوڳا قدم کنيا ويندا: وڏو وزير
You might also like