سڄي ملڪ جي بجلي واهپيدارن لاءِ هڪ ٻيو رليف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا پيٽروليم ليوي جي مد ۾ سڄي ملڪ لاءِ بجلي سستي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نيپرا بجلي هڪ رپيو 71 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي حڪومتي درخواست منظور ڪري ورت، نيپرا طرفان بجلي سستي ڪرڻ وارو فيصلو وفاقي حڪومت ڏانهن اُماڻيو ويو آهي.
نيپرا موجب، بجلي جي قيمتن ۾ لاٿ اپريل کان جون 2025ع لاءِ هوندي، جڏهن ته بجلي اگهن ۾ لاٿ ڪي اليڪٽرڪ سميت سڄي ملڪ جي واهپيدارن لاءِ آهي.
نيپرا جو چوڻ آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ لاٿ وارو فيصلو لائين لائين واهپيدارن تي لاڳو نه هوندو .
واضح رهي ته وفاقي حڪومت بجلي هڪ رپيو 71 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي هئي، نيپرا وفاقي حڪومت جي درخواست تي چار اپريل تي ٻڌڻي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.