فوجي عدالتن ۾ شفاف ٽرائل ڪيئن ٿيندو، ڪلاشنڪوف رکي فيصلا پيا ٿين\جسٽس مسرت هلالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ)  سپريم ڪورٽ جي آئينی بينچ جي جج جسٽس حسن اظہر رضوي فوجي عدالتن ۾ سويليئنز جي ٽرائل سان لاڳاپيل ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا آهن ته ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل ڪرڻ وارن کي قانونِ شهادت جو علم ئي نه هوندو، جنهن تي جسٽس مسرت هلالي چيو ته انصاف ۽ شفاف ٽرائل جي ڳالهه ڪيئن ڪري رهيا آهيو، فوجي عدالتن ۾  ته ڪلاشنڪوف رکي فيصلو ڪيو ويندو آهي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس حسن اظہر رضوي، جسٽس نعيم اختر ۽ جسٽس شاهد بلال تي مشتمل 7 ميمبر آئينی بينچ فوجي عدالتن ۾ سويليئنز جي ٽرائل سان لاڳاپيل ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيا هئا. ٻڌڻي دورانِ اٽارني جنرل منصور اعوان عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ موقف اختيار ڪيو ته ايڊيشنل اٽارني جنرل کان معلوم ٿيو ته عدالت مون کي طلب ڪيو هو، جڏهن ڪورٽ مارشل ٽرائل ٿيندو آهي ته ان جو مڪمل طريقيڪار موجود آهي، ملٽري ٽرائل جو رڪارڊ عدالت وٽ آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي موت جي سزا ٿيندي آهي ته ان تي عمل ان وقت تائين نٿو ڪيو ويندو جيستائين اپيل تي فيصلو نه ٿي وڃي. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته اسان اپيل جي ڳالهه اس لاءِ ڪري رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته اهو بنيادي حق آهي، اٽارني جنرل چيو ته خواجه حارث دليل مڪمل ڪن پوءِ مان وڌيڪ ڳالهائيندس، ڪلڀوشن ڪيس ۾ هڪ مسئلو هو، سيڪشن 3 ۾ فيئر ٽرائل ۽ وڪيل جو حق آهي. جسٽس جمال مندوخيل وڌيڪ چيو ته ماڻهو فيصلن جي سبب اسان تي صرف 50 سيڪڙو اعتماد رکندا آهن، جيڪڏهن عدالتون ختم ٿي ويون ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ جسٽس نعيم اختر افغان رمارڪس ڏنا ته سويليئنز جي ڪورٽ مارشل لاءِ توهان کي آئين ۾ ترميم ڪرڻ گهرجي ها.  جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڳالهه اها ناهي ته ڏوهه ڪيترو سنگين آهي، ٿي سگهي ٿو ته اهو ڏوهه سخت ۽ خوفناڪ هجي، جيڪڏهن دهشت گرد به ڏوهه ڪندو آهي ته ڇا ان کي بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويندو آهي يا ناهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.