ڪئنالن خلاف ڦلھڏيون ۾ ھڙتال، سنڌڙي تائين هزارين ماڻهن جي تاريخي ريلي

ميرپورخاص(رپورٽ: صالح اوٺو) ڦلھڏيون شھري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ڦلھڏيون جي عوام پاران ڦلهڏيون شهر ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪري ڦلھڏيون جي شھيد چوڪ کان سڪندرآباد تائين پيادل ريلي ڪڍي وئي جتان هزارين ماڻهن موٽر سائيڪلن، ڪارن، شھزور گاڏين ۽ ٽريڪٽر ٽرالين تي سوار ٿي تڳوسر ۽ ھنڱورنو سميت ننڍن وڏين ڳوٺن ۽ شهرن کان ٿيندي سنڌڙي پريس ڪلب پهتي، ريلي تي تڳوسر اسٽاپ ۽ ھنڱورنو سميت مختلف شهرن ۾ عوام پاران ريلي جو شاندار استقبال ڪندي گلن جي ورکا  ڪئي وئي، سنڌڙي پريس ڪلب اڳيان ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن اسد شر، نياز مري، اسحاق نھڙي، ھرچند کتري، حاجي رفيق سومرو، آفتاب قريشي، لالا اظھر پٺاڻ ۽ ٻين چيو ته پنجاب پاران سنڌو تي ڌاڙو هڻڻ لاءِ ڪئنالن اڏڻ جي سازش سنڌ کي ٻاري ڇڏيو آھي جيڪڏھن ان کي فوري طور ختم نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ جا ماڻهو لاهور ۽ اسلام آباد جو رخ ڪندا پنهنجي حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي عوام کي ڪير به روڪي نه سگهندو، پاڻي اسان جو جياپو آھي ۽ اھو اسان جي نسلن جي بقا جو مسئلو آھي اسان پنهنجي بقا لاءِ آخري دم تائين وڙھنداسين، ڇونه اسان کي سنڌ لاءِ ڪهڙي به قرباني ڏيڻي پوي، جيستائين وفاق ڪئنالن وارو غير قانوني فيصلو واپس نٿو وٺي ايستائين پنھنجي حقن لاءِ وڙهندا رهنداسين، اسان جو احتجاج جاري رهندو، اڄ ضلع اندر احتجاج ڪيو آھي، اڳتي سنڌ پنجاب جو بارڊر ۽ ڪاروباري رستا بند ڪري احتجاج ڪنداسين، سنڌ امن محبت ۽ پائچاري واري ڌرتي آهي سنڌ جي عوام جي امن پائيچاري کي سنڌين جي ڪمزوري سمجھڻ بند ڪيو وڃي، جيڪڏهن سنڌ جي حقن ۽ وسيلن تي ڌاڙا لڳائڻ جون ڪوششون بند نه ڪيون ويون ته ٻين صوبن جيان سنڌ ۾ وفاق ۽ پنجاب خلاف نفرتون وڌنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.