ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ٻن فائرنگ جي واقعن ۾ ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا. تيموريا ٿاڻي جي حد سخي حسن سرينا مارڪيٽ جي ڀرسان گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل شخص عرفات ولد احمد علاج جي دوران زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جو موبائل فون ۽ پرس موجود آهن . واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي رھيو آهي. شاھ لطيف ٽائون ٿاڻي جي حد شفيع محمد ڳوٺ ۾ قاسم ٽيڪسٽائل مل جي ڀرسان جھيڙي جي دوران فائرنگ ۾ 25 سالن جو نوجوان ياسر قتل ٿي ويو آهي. پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي.