ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:عرفان علي کوسو) ڪنڌڪوٽ جي گيھلپور ڪچي واري علائقي ۾ 4 مغوين راجيش ڪيسواڻي ٽن ڪسٽم اھلڪارن راشد سومرو، وزير ميمڻ، باورچي ڪبير چاچڙ جي بازيابي لاءِ ھلندڙ ڪشمور پوليس جي آپريشن دوران ھڪ سي ٽي ڊي اھلڪار شڪارپور واسي انور علي ڪلھوڙو ڏوھارين جي فائرنگ ۾ شھيد ٿي ويو جنهن جو مڙھه ڪشمور تعلقي اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش ايمبولينس ذريعي ڪنڌڪوٽ پوليس ھيڊ ڪوارٽر روانو ڪيو ويو جتي شھيد پوليس اهلڪار جي جنازه نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ناصر آفتاب احمد پٺاڻ.ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ زبير نظير شيخ.ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ڊي ايس پيز وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن ۽ شهر جي مختلف سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، شهيد پوليس اهلڪار جي جنازه نماز ادا ٿيڻ بعد سرڪاري اعزار سان سلامي پيش ڪئي وئي، شهيد پوليس اهلڪار جي جنازه نماز ادا ٿيڻ بعد پوليس سڪيورٽي ۾ اباڻي شهر شڪارپور ضلعي طرف مڙهه روانو ڪيو ويو.
آپريشن جي نالي تي ڪروڙين رپيا خرچ،ڪاميابي ڀوائتو خواب
ڪنڌڪوٽ: ڏهاڪن کان وٺي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ پوليس آپريشن هلي رهيو آهي پر هنن آپريشنز ۾ پوليس جو ئي نقصان ٿيو آهي.ڏهاڪن کان وٺي هلندڙ پوليس آپريشنز ۾ ڪچي ۾ ڏوهارين مٿان لکين ڪروڙين اربين روپيا خرچ ٿي چڪا آهن پر ضلعي اندر ڪرمپور کان گڊو تائين 72 ڪلوميٽر ڪچي واري علائقي ۾ لڳ ڀڳ 50 ڏوهاري ضلعي جي ساڍا 12 لک عوامي آبادي کي يرغمال ڪيل آهي ۽ ضلعي اندر لڳڀڳ 2500 کان وڌيڪ لوڪل پوليس اهلڪار ۽ 300 کان وڌيڪ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سي ٽي ڊي ۽ آر آر ايف پوليس اهلڪار ڏوهارين جو خاتمو نه ڪري سگهي آهي.
اهلڪار جي شهادت بعد ڌاڙيلن خلاف هلندڙ آپريشن بند
ڪنڌڪوٽ:گيهلپور جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس آپريشن دوران ڏوهارين جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار جي شهيد ٿي وڃڻ بعد ڏوهارين خلاف هلندڙ آپريشن کي بند ڪيو ويو، ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته ڏوهارين پاران هڪ پوليس اهلڪار کي شهيد ڪرڻ بعد ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ زبير نظير شيخ جيڪا پاڻ آپريشن جي نگراني ڪري رهيو هو پوليسنفري ساڻ ڪري گيهلپور جي ڪچي پوليس نفري پڪي تي پهتي آهي.
آپريشن دوران اهلڪارن کي بلٽ پروف جيڪيٽ به نه ڏيڻ جو انڪشاف
ڪنڌڪوٽ: ڏوهارين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ پوليس اهلڪارن کي ڪابه تحفظي سامان موجود ناهي، پوليس اهلڪارن کي بلٽ پروف جيڪٽ ۽ ٻيو سامان ڏوهارين سان آپريشن وقت مهيا نه ٿيڻ سبب پوليس جو وڏو نقصان ٿي رهيو آهي ۽ هر پوليس آپريشن ۾ ڪچي اندر ڏوهارين هٿان پوليس اهلڪار شهيد ٿيندا رهن ٿا.