ڪئنالن خلاف هڪ ڪروڙ صحيحون ڪري عالمي عدالت ۾ ڪيس وڙهنداسين:زين شاهه

قاضي احمد/ ڀان سيدآباد/ جوهي(رپورٽ:مومن جوڻو+ آدم مينگل+اسماعيل پيرزادو)قاضي احمد ۾ ڪئنالن خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان قائم ڪيل دستخطي ڪئمپ تي پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ مرڪزي سينئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو ضلع صدر زين ڀٽو جي پھچڻ تي گلاب جي گلن سان شاندار استقبال ڪيو ويو  ان موقعي تي سيد زين شاھ خطاب ڪندي چيو ته 8 جولائي 2024 تي صدر پاڪستان آصف علي زرداري آرڊيننس تي ڇھ ڪئنالن جي دستخط ڪري منظوري ڏئي ڇڏي هئي، جيڪا پيپلز پارٽي جي قيادت هن مهل تائين به نه ٿي مڃي، هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جا سمورا وسيلا گئس، ڪوئلو، تيل کپائڻ ٿي چاهي پر سندن ناپاڪ ارادا ڪامياب ڪرڻ نه ڏينداسين، جڏهن ته  جسقم مرڪزي اڳواڻ آصف رضا مگسي مسعود شاھ وفد جي صورت ۾ ڪئمپ تي پھچي ڪينالن خلاف دستخط ۾ حصو ورتو،هوڏانهن ڀان سيدآباد ۾ ڪئمپ لڳائي وئي. جتي ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاه، ميرآزاد پنهور، روشن ٻرڙو، منور خاصخيلي، درياء خان لغاري، اصغر سولنگي، سهيل ٻرڙو،غلام قادر عرف اميربخش خشڪ، نويد خشڪ، شبير ٻرڙو،اصغر شاهاڻي ۽ ٻين اڳواڻن رجسٽر تي دستخط ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو،زين شاهه چيو ته هڪ ڪروڙ دستخط ڪري ڪئنالن خلاف عالمي عدالت ۾ ڪيس وڙهنداسين  وفاق پنهنجي هوڏ تان لهي ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺي ٻي صورت ۾ پنجاب جا رستا بند ڪنداسين.ان موقعي تي روشن ٻرڙو، شبير ٻرڙو، درياء خان لغاري سميت ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو. هوڏانهن سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف درياهه بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ جي جوهي آمد جي موقعي تي ڇنڊڻ موري تي هزارين يوسي پير مشائخ جي 20 کان وڌيڪ ننڍن وڏن ڳوٺن جي رهواسين تاريخي استقبال ڪندي گلن جي ورکا ڪئي جنهن بعد سوين  موٽرسائيڪلن، گاڏين جي قافلي سان جوهي پهتو جتي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي, ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو آهي ته زرداري سنڌ جي ڪئنالن جو سودو ڪري سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي جيڪر ايئن ٿيوته ان سان سنڌ جي زراعت جا 3 حصا ختم ٿي ويندا, ماحوليات ختم ٿي ويندي، سنڌ جا هزارين ڳوٺ خالي ٿي  ويندا، سنڌ ۽ سنڌين جي وجود جو مسئلو آهي، هن منصوبي تي خاموش نٿو رهي سگهجي جيڪر خاموش رهياسين ته ايندڙ نسل پاراتا ڏيندو، ساهه جي آخري گهڙي تائين جدوجهد جاري رکنداسين، هن چيو ته سنڌو ندي جو سودو ڪندڙ صدر زرداري خلاف سڄي سنڌ آواز کڙو ڪيو آهي، هن چيو اها هڪ ڏينهن جي سازش ناهي اها سازش گذريل چئن سالن کان هلي پئي ان جي تياري 2022 کان جاري آهي، هڪ طرف سنڌ جي معدني ذخيرن, جبلن پهاڙن تي قبضن جي سازش ته ٻئي طرف سنڌو مان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي بنجر بنائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، موجوده سنڌ سرڪار سندن سهولتڪار بڻيل آهن، ان موقعي تي روشن ٻُرڙو، سڪندر سوڍر، ڪامريڊ غُلام قادر لغاري، غلام نبي باهوٽو، سرائي اڪبر پنهور ۽ ٻين پڻ تقريرون ڪيون،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.