مائنز ۽ منرلز ايڪٽ بابت غلط فهمي پکيڙي پئي وڃي: گنڊاپور

پشاور (م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير وڊيو پيغام جاري ڪيو جنهن ۾ هن پنهنجا اختيار ٻين جي حوالي ڪرڻ وارين خبرن کي ڪوڙو قرار ڏنو. هن چيو ته مائنز ۽ منرلز ايڪٽ ۾ هڪ تجويز بابت غلط فهمي جي وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو ته پروپوزل تحت صوبي جو اختيار ڪنهن صورت ڪنهن کي نه پيو وڃي وڃي. هن چيو ته هڪ مافيا آهي جنهن کي سڌارا پسند ناهن، اسان جي اچڻ کانپوءِ 4 جاين تي غيرقانوني معدنيات جا ٺيڪا روڪيا ويا. هن چيو ته شفاف نيلامي ذريعي 5 ارب رپين جو روينيو گڏ ڪيو، غيرقانوني مائننگ تي سخت قانونسازي آڻي رهيا آهيون، مشينري ضبط ڪري نيلام ڪنداسين. هن چيو ته 50 ڪروڙ کان وڌيڪ سيڙپ تي ٺيڪي جو وقت وڌايو ويندو. ڪرپشن روڪڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي، مائنز ۽ منرلز ايڪٽ اڃا اسيمبلي ۾ پيش ٿيو آهي، ايوان ۾ بحث ٿيڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.