ڪئنالن خلاف راڄو خاناڻي ۾ جسقم آريسر جي سڏ تي سوين ڌرتي ڌياڻيون نڪري آيون

 راڄوخاناڻي (رپورٽ: امداد علي نظاماڻي) سنڌو مان ڪئنالن خلاف جسقم آريسر  جي سڏ تي راڄوخاناڻي ۾ سوين ڌرتي ڌياڻيون رستن تي نڪري آيون، راجوخاناڻي ۾ شھر ۾ تاريخ ساز پروقار احتجاجي ريلي جسقم آريسر پاران راجوخاناڻي شھر  پيٽرول پمپ کان جسقم آريسر سنڌ جي مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين اسماعيل نوتڪاڻي،محفوظ نوتڪاڻي، خالد سنڌي، ڪرن نظاماڻي، امين نظاماڻي منزا اسڪندر. ڪشف نظاماڻي.طاھر ابوبڪر.منظرنين. ۽ ٻين جي  سربراهي ۾ ھزارين ماڻھن ريلي ڪڍي. ريلي ۾ راڄوخاناڻي شھر ۽ اس پاس ھزارين سنڌي نياڻين عورتن ۽ ٻارن شرڪت ڪري نئين تاريخ جوڙي ڇڏي. ھزارين نياڻيون ۽ مرد اڀ ڏاريندڙ نعرا نعرا ھڻندا راجوخاناڻي شھر جو گشت ڪندا راجوخاناڻي حاجي سانوڻ مين روڊ جي سطاني واھ جي پل تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. لڳاتار چار ڪلاڪ ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنھي پاسن سوين گاڏيون بيهجي ويون احتجاجي ڌرڻي ۽ جلسي کي خطاب ڪندي اسماعيل نوتڪاڻي محفوظ نوتڪاڻي ڪشف نظاماڻي، امين نظاماڻي، ڪرن نظاماڻي، خالد سنڌي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪئنال ۽ ٻيا سنڌ دشمني وارا منصوبا ھرگز برداشت ڪيا جيستائين ڪئنالن سميت سنڌ دشمن رٿائون رد نٿيون ته ھي تحريڪ ھاڻ وڏي شدت ۽ زور سان اڳتي وڌائي ويندي. ريلي ۾ جسقم بشير. سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ ڪولھي اتحاد سميت راڄوخاناڻي سياسي سماجي واپارين  ۽ نوجوان اتحاد سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.