هڪ ڏينهن ۾ ساڍا 5 هزار افغاني واپس، سنڌ ۾ عمل سست رفتاري جو شڪار

ڪراچي/اسلام آباد(رپورٽر/م ڊ) ملڪ مان غير قانوني افغان پناهه گيرن جي واپسي جوعمل جاري آهي، هڪ ڏينهن ۾ ساڍا پنج هزار افغاني واپس موڪليا ويا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ عمل سست لڳي رهيو آهي. غير قانوني افغاننين واپسي جو عمل جاري آهي، ۽ تازي رپورٽ مطابق، گذريل ڏينهن طورخم جي رستي 2 هزار 355 افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊرن ۽ 3 هزار 42 غير قانوني پناهگيرن کي واپس افغانستان موڪليو ويو. رپورٽ مطابق، 1 اپريل کان هينئر تائين 5 هزار 568 افغان سٽيزن ڪارڊ رکندڙن کي طورخم جي رستي افغانستان موڪليو ويو آهي، ۽ 1 اپريل کان هينئر تائين افغانستان واپس موڪليل افغانين جو مجموعي تعداد 25 هزار کان وڌيڪ ٿي چڪوآهي. 1 اپريل 2025 کان هينئر تائين مختلف اسلام آباد مان 160، پنجاب مان 4 هزار 227، گلگت بلتستان مان هڪ افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊر طورخم جي رستي افغانستان موڪليو ويو. مجموعي طور تي پختونخوا کان 12 هزار 982، اسلام آباد کان 1 هزار 573، پنجاب کان 5 هزار 435، آزاد ڪشمير کان 38، گلگت بلتستان کان هڪ ۽ سنڌ کان 44 غير قانوني افغان پناهه گيرن کي واپس افغانستان موڪليو ويو. سنڌ مان هن وقت تائين صرف 44 افغاني پناهه گير ڪڍڻ تي ڳڻتي جي لهر آهي. ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ افغانين جو وڏو انگ موجود آهي، جن جي ڪري امن امان جو مسئلو هجڻ باوجود سنڌ حڪومت تيزي ناهي ڏيکاري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.