ڪنڌڪوٽ ۾ جهيڙو،عورت قتل،هڪ ڄڻو زخمي

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ گبلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ بري باجڪاڻي ۾ زمين جي تڪرار تان باجڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾جھيڙو ٿي پيو،  فائرنگ جي ڏي وٺ دوران گوليون لڳڻ سبب 2 عورتون زخمي ٿي پيون، جن مان هڪ عورت مسمات نازي خاتون باجڪاڻي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، فوتي عورت جو لاش اسپتال مان گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.