ڪراچي(م ڊ)پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو سيڪريٽري جنرل تاج حيدر ترقي پسند اڳواڻ،انساني حقن جو سرگرم ڪارڪن 83 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو،خاندان تصديق ڪئي آهي ته تاج حيدر مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو،تاج حيدر 8 مارچ 1942ع تي ڪوٽه،راجستان جي علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ جنم ورتو هو،هو فنون لطيفه جي ميدان ۾ آيو ۽ ٽيلي ويزن لاءِ به لکيو،تاج حيدر شروعاتي تعليم گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول رنڇوڙ لائن ڪراچي ۾ حاصل ڪئي،هن مختلف اخبارن ۾ به ڪالم لکيا،هن 1967ع جي سوشلسٽ ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي هئي،هن 1967ع ۾ باقاعده طور تي پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي،هن جو شمار پ پ جي باني ميمبرن ۾ ٿئي ٿو،هن کي 2012ع ۾ سائنسي خدمتن تي ستاره امتياز ڏنو ويو هو،2006ع ۾ تاج حيدر کي بهترين ڊراما سيريل ليکڪ جو ايوارڊ ڏنو ويو،هوڏانهن صدر آصف علي زرداري تاج حيدر جي وڇوڙي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جمهوريت جي بحالي ۽ استحڪام لاءِ تاج حيدر پنهنجي زندگي وقف ڪئي،پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،وڏي وزير مراد علي شاهه،سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ،ناصر شاهه،ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب،قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق به تعزيت ڪندي چيو ته تاج حيدر جي سياسي ۽ سماجي جدوجهد نوجوان نسل لاءِ مثال آهي،سندس خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهجندو،