ڪراچي بار جو صدر عامر وڙائچ قاتلاڻي حملي ۾ زخمي

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي بار جي صدر عامر ورائچ تي آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ڇهن ماڻهن قاتلاڻو حملو ڪيو، حملي ۾ زخمي وڪيل اڳواڻ کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. عامر ورائچ چيو ته حملو ڪرڻ وارن کي پيغام ڏيڻ ٿو چاهيان ته ڪينالن واري تڪراري منصوبي خلاف جدوجهد تان هٿ نه کنداسين. هن چيو ته جيڪڏهن 72 ڪلاڪن اندر منصوبو نه روڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو. ايڊووڪيٽ اڪمل جکراڻي موجب عامر وڙائچ ڪيفي بوگي ۾ دوستن سان ملڻ لاءِ اچي رهيو هو ته 6 ڄڻن کيس روڪيو، گاڏي جي چاٻي ۽ موبائيل فون کسي مٿس حملو ڪيو. واقعي کانپوءِ وڪيل اڳواڻن توڻي سياسي، سماجي ڌرين پاران مذمت ڪئي وئي. ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران 11 اپريل تي وڪلا ڪنوينشن پڻ رٿيل آهي.وڪيلن جو وڏو انگ سول اسپتال پهچي ويو،جتي حملي خلاف نعريبازي ڪئي وئي عامر  وڙائچ جو سي ٽي اسڪين ڪيو ويو،هن جي مٿي ۽ جسم جي مختلف حصن تي زخم رسيا آهن،ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا ٻڌايو ته عامر وڙائچ جيئن ئي ڪار ۾ ريسٽورنٽ پهتو هن تي حملو ڪيو ويو،موٽرسائيڪل تي سوار ٻن ڄڻن مٿس حملو ڪيو،جوابدار واقعي بعد فرار ٿي ويا،حملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته عامر نواز وڙائچ جو چوڻ آهي ته 72 ڪلاڪن ۾ ڪئنالن جو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سنڌ پنجاب سرحد بند ڪري ڇڏينداسين هوڏانهن صوبائي گهرو وزير  ضيا لنجار عامر وڙائچ تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا، هوڏانهن سنڌ بار ڪائونسل اڄ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.