دنيا جو وڏو غدار وٽڪون ڪسلنگ هو. بطور غدار هن مٿان وڏا ڏوهه ثابت ٿيا. ڪسلنگ 1942 ۾ ناروي جو صدر به چونڊيو ويو هو ۽ جنگ جي پڄاڻيءَ تائين ناروي جو صدر رهيو. زندگي ۾ ڏٺو آهي ته جنهن به ملڪ جو صدر يا وزيراعظم پنهنجو مدو پورو ڪندي پنهنجي آفيس کي کلندي مسڪرائيندي ڇڏيندو آهي. پر ناروي ملڪ جو هيءُ پهريون صدر هو جيڪو صدارت جي ڪرسيءَ کان ڦاهيءَ جي ڦندي تائين پهتو ۽ پوءِ ظاهر آ روئندو ئي رهيو ۽ ڦاهي چڙهي ويو. هن پنهنجي ملڪ جي عوام مٿان وڏا وڏا ظلم ڪيا ۽ پنهنجي ملڪ کي نقصان پهچائڻ لاءِ دشمن ملڪن سان ملي سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو. صدر ڪسلنگ جو تعلق ناروييجن فوج سان هو. 1940 ۾ نازين ناروي ۾ بغاوت جي ڪوشش ڪئي. هن جرمني جي ظالم اڳواڻ هٽلر سان به ملاقات ڪئي ۽ ان کي گذارش ڪئي ته هن کي ناروي جو صدر رهڻ ڏنو وڃي. هٽلر هن کي منافقت واري هاڪاري موٽ ڏني پر ڪسلنگ وڏي غلطي ۾ هو. بحرالحال دنيا جهان غدارن سان ڀري پئي آهي. جيڪڏهن هڪ غدار جي ڳولا ۾ نڪري پونداسين ته اسان کي هزارن جي تعداد ۾ غدار ملي ويندا.
پر آءُ هتي في الحال دنيا جي ڪجهه غدارن جو ذڪر ڪندس. انهن غدارن ٻين کي نه پر پنهنجي ملڪن ۽ عوام کي نقصان ڏنو ۽ پوءِ پڇتاءُ ڪندي ڪندي زمين ۾ هميشه لاءِ دفن ٿي ويا ۽ سندن مٿان ڪيترائي مڻ مٽيءَ جا پئجي ويا. انهن ڪجهه غدارن پنهنجي ملڪن جي عوام کي اهڙو ته نقصان پهچايو جو دشمن به نه ڏيئي سگهيا. جڏهن دشمن ناڪام ٿيا ته انهن غدارن کي لالچ ڏيئي خريد ڪري سندن جي ئي ملڪن کي نقصان ڏنو ويو. دنيا جو وڏو غدار روس جو آندري ويلاسوف کي سڏيو وڃي ٿو. ان آندري ويلاسوف پنهنجي سموري زندگي ڳاڙهي فوج ۾ گذاري. اهو فوج جي ڪيترن ئي يونٽن جو اڳواڻ به رهي چڪو. ائين کڻي چئجي ته هو جنگجو فوج جو هڪ حصو رهيو. هو بالشفي انقلاب واري جنگ ۾ وڏي جوان مرديءَ سان وڙهيو. ٻئي عالمي جنگ دوران هو فوج جي گهيري ۾ اچي ويو. جڏهن نازي فوج اڳوڻي سوويت يونين تي قبضو ڪيو ته ان وقت ويلاسوف نازين سان بهادري سان وڙهيو هو. روس جو هي واحد فوجي هو جيڪو ڪاميابين سان هم سرشار ٿيندو رهيو. هن جي ڪوشش هئي ته هو هر صورت ۾ هٽلر کي ماسڪو کان بچائي. جڏهن هن کي جرمني فوج گرفتار ڪيو ته هن ڏٺو ته روسي سندس کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪابه ڪوشش نه پيا ڪن ته هن جرمني فوج کي روس تي قبضي ڪرڻ جا گر ٻڌائيندو رهيو. هن کي پنهنجي ملڪ جي چپي چپي جي خبر هئي ته ڪيئن ۽ ڪٿان قبضو ڪندي ڪاميابي ماڻي سگهجي ٿي.
هيءُ هڪ آمريڪي فوج جو وڏو بهترين جنرل هو. ان تي آمريڪا جي عوام کي وڏو ناز هو. پر سندس سوچ خراب هئي سڄو ڏينهن هي سوچيندو هو ته آمريڪا سندس کي ڇا ڏنو آهي؟ ۽ چوندو هو ته سندس صلاحيتن ۽ وفاداري جو بهترين صلو نه مليو آهي. ان تڪبر سندس کي ٻوڙي ڇڏيو. هن برطانوي فوج آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا صرف ان لاءِ ته هن کي برطانوي فوج ۾ جنرل جو عهدو ڏنو وڃي. برطانيا انڪار ڪيو. ائين سندس غداري جو راز فاش ٿي ويو ۽ آمريڪا سندس کي موت جي ننڊ ڏيئي ڇڏي. دنيا جو وڏو غدار اميليو اوگانالڊو هو سندس جو تعلق فلپائن سان هو هو فلپائن جي عوام جي لاءِ مختلف ملڪن جي فوجين سان وڙهندو رهيو. حالانڪه هي فلپائن جو پهريون صدر به هو. پر هن جاپاني فوج سان گڏجي انهن جو سهولتڪاري ڪئي ۽ ملڪ کي وڏو نقصان پهچايو جنهن جي ڪري سندس مٿان غداري جو داڳ پيو. هاڻي ڏسڻو آهي ته پاڪستان ۾ غداري جو ايوارڊ ڪنهن کي ملي ٿو ان جو فيصلو جلد سامهون اچي ويندو.