پيڪا ايڪٽ تحت گرفتار صحافي فرحان ملڪ ضمانت تي آزاد

ڪراچي(رپورٽر)پيڪا ايڪٽ تحت ڪراچيءَ مان گرفتار ڪيل صحافي فرحان ملڪ جي ضمانت منظور ڪئي وئي آهي، سيشن جج اوڀر پيڪا ايڪٽ تحت داخل ڪيس ۾ صحافي فرحان ملڪ جي ضمانت منظور ڪندي کيس هڪ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو،عدالت طرفان صحافي فرحان ملڪ جي ضمانت منظور ٿيڻ کانپوءِ ڊسٽرڪٽ جيل ملير جي سپرنٽنڊنٽ ٻڌايو ته صحافي فرحان ملڪ کي جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي،سندس چوڻ هو ته عدالت ٻن ڪيسن ۾ فرحان ملڪ جي ضمانت منظور ڪئي هئي ۽ قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته صحافي فرحان ملڪ تي هڪ ڪيس پيڪا ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته مٿس ٻيو ڪيس مني لانڊرنگ ۽ غيرقانوني ڪال سينٽر هلائڻ جو داخل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.