مرتضيٰ وهاب مينڊيٽ چوري ڪري ميئر بڻيو: فاروق ستار

ڪراچي (رپورٽر/م ڊ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو ته مرتضيٰ وهاب مينڊيٽ چوري ڪري ميئر بڻيو، هاڻي کيس گورنر فوبيا ٿي وئي آهي، سنڌ حڪومت ٽريفڪ حادثن ۾ فوت ٿيندڙ 150 ماڻهن جي گهرڀاتين سان همدردي نه ڪئي. بهادر آباد ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته آصف زرداري جو منهن پنڊي ڏانهن، بلاول جو قوم پرستن ڏانهن ۽  ميئر جو گورنر ڏانهن آهي، حافظ نعيم لاهور وڃي ٻڙي ٿي ويو. هوڏانهن گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ميئر ڪراچي تي تنقيد ڪندي چيو ته نيوز ڪانفرنس ڪريو ٿا، ڪم به ڪريو، مرتضيٰ وهاب کي پڙهيو لکيو سمجهندو هيس، ميئر ڪراچي ننڍي ڳالهه ڪئي آهي، مون کي چيو وڏي گاڏي ۾ اچان ٿو، اوهان ڇا چنگچي ۾ اچو ٿا؟ ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن مرتضيٰ وهاب کي موٽرسائيڪل تي ڪراچي جو چڪر هڻڻ جي به آڇ ڪئي. ٻئي پاسي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته گورنر صاحب مون سان ڳالهائڻو آهي ته سڌي ريت ڳالهايو، ترجمانن ذريعي نه ڳالهايو، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سياسي مخالفن وٽ ڪجهه ناهي هوندو ته مون تي ڳالهائيندا آهن، گورنر جي ترجمان پريس ڪانفرنس، فاروق ستار صاحب هي 12 مئي جو ڪراچي ناهي، 20 گاڏين جي پروٽوڪول ۾ گهمو ٿا ۽ چئو ٿا ته عوامي آهيون؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.