ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس تسنيم سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، عدالت نذير خان جي خاندان جي مالي مدد نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس ظفر راجپوت چيو ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت ۾ مالي مدد جي يقين دهاني ڪرائي وئي هئي، گهرو کاتي جي فوڪل پرسن چيو ته ان دوران، هڪ سمري تيار ڪئي وئي آهي، عدالت چيو ته سمري ڪٿي آهي، ڪنهن کي منظور ڪرڻي آهي، عدالت گهرو کاتي جي فوڪل پرسن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سمري تيار ڪرڻ ۾ ايتري دير ، سمري جلد تيار ڪئي وڃي، عدالت جو حيرانگي جو اظهار ڪندي چيو ته صرف 15 ڏينهن ۾ هڪ مسودو تيار ڪيو ويو، هي ڪهڙي قسم جي ڪارڪردگي آهي؟ جسٽس ظفر راجپوت چيو ته اڄ سمري منظور ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي.
-
ڪراچي ۾جوابدار فائرنگ ڪري زال کي قتل ڪري ڇڏيو
ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون اسلاميه ڪالوني ۾ فائرنگ سبب عورت جي قتل ٿيڻ جو واقعو پيش آيو آهي، مڙس فائرنگ ڪري زال کي قتل ڪري ڇڏيو، ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته قتل ٿيل عورت جي سڃاڻپ 45 ورهين جي ذڪيا جي نالي سان ٿي آهي، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقلڪيو ويو آهي، پوليس اختيارين موجب جوابدار ڏوهاري ۽ منشيات جو عادي آهي، واقعي بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جوابدار اڳ به جيل ڀوڳي چڪو آهي.
-
پائيلٽن جي جعلي لائسنس وارو مامرو،سول ايوي ايشن ۽ ايف آءِ اي جي اپيل رد
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پائيلٽن جي جعلي لائسنس اپيل جي ٻڌڻي دوران سول ايوي ايشن ۽ ايف آءِ اي جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي اينٽي ڪرپشن جي فيصلي جي خلاف اپيل ڪئي وئي هئي، اينٽي ڪرپشن عدالت 68 پائيلٽس جو ڪيسختم ڪري ڇڏيو هو، وڪيل صفائي عدالت ۾ چيو ته اڳوڻو وفاقي وزير هوابازي غلام سرور خان جا الزامن ڪوڙا ثابت ٿيا هئا، وڪيل جو چيو آهي ته رپورٽ جي ڪري ملڪ ،پي آءِ اي ۽ پائيلٽس جي بدنامي ٿي هئي، غلام سرورخان جي غلط بياني جي ڪري دنيا ۾ پي آءِ اي تي پابندي لڳائي وئي هئي .سول ايويشن غلام سرورخان جي بيان کان پوءِ 68پائيلٽس تي ڪيس داخل ڪيو هو جيڪي اينٽي ڪرپشن جي عدالت ختم ڪيو هو .