ٽرمپ جي واڌو ٽئڪس دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽ لوڏي ڇڏي

ڪراچي( رپورٽر/ع آ نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن تي اضافي ٽيرف يا ٽئڪس لڳائڻ کان پوء پيدا ٿيندڙ صورتحال دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي. يورپ ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي مارڪيٽن وانگر پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به هفتي جي پهرين ڪاروباري ڏينهن  شديد ٻاڙائيرهي  ڏينهن ڪاروبار جي شروعات کان پوءِ ٿوري وقت ۾ هُنڊرڊ انڊيڪس ۾ 6287 پوائنٽس جي تاريخي گهٽتائي آئي جنهن جي ڪري ڪاروبار کي عارضي طور معطل ڪرڻو پيو. پاڪستاني تجزيه نگارن جي مطابق، حصص مارڪيٽ ۾ پوائنٽس جي تناسب سان اهو هڪ ڏينهن ۾ ٿيندڙ سڀ کان وڏو گهٽتائي آهي. انهيءَ طرح يورپ ۽ ايشيائي اسٽاڪ مارڪيٽون پڻ شديد ٻاڙائي جو شڪار ٿيون . سومر تي شنگھائي کان ٽوڪيو ۽ سڊني کان هانگ ڪانگ تائين سڀني وڏين اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ شديد ٻاڙائي ڏٺي وئي. ايشيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن سان واسطو رکڻ وارن هڪ تجزيه نگار بي بي سي کي ٻڌايو ته "هي رت جي هولي آهي.” مارڪيٽ تجزيه نگار ان ٻاڙائي جو ڪارڻ عالمي سطح تي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ گهٽتائي سان ڳنڍين ٿا جيڪا امريڪي صدر ٽرمپ جي طرفان دنيا جي مختلف ملڪن تي ٽيرف لڳائڻ سبب پيدا ٿي. ايشيائي ملڪ صدر ٽرمپ جي طرفان آمريڪا ۾ درآمد ٿيندڙ شين تي ٽيرف يا اضافي ٽيڪس لڳائڻ کان سڌو متاثر ٿي رهيا آهن. اسٽاڪ مارڪيٽ تجزيه نگار جبران سردار  ٻڌايو ته گذريل هفتي جي دوران عالمي سطح تي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ مندي هئي، تنهن هوندي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي رهي جنهن جو بنيادي سبب حڪومت طرفان بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.