ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ٺٽي ويجھو ڳوٺ صالح محمد ڪرناڻي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳوڻي چيئرمين قومپرست اڳواڻ شهيد شفيع محمد ڪرناڻي جي نائين ورسي جي تقريب منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي ورسيءَ واري تقريب ۾ جيئي سنڌ تحريڪ (شفيع ڪرناڻي) جي چيئرمين سورهيه سنڌي،جسقم( بشير) جي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي، جست جي مرڪزي اڳواڻن ساگر سيال، انور بڙدي، راول ڪرناڻي، بشير بروهي، فقير عبدالرزاق انڙ، سهيل ڪلوڙ، شهيد شفيع ڪرناڻي جي ڀاءُ حاجي انور ڪرناڻي شهيد شفيع محمد ڪرناڻي جي پٽ سنگهار ڪرناڻي سميت وڏي انگ ۾ قومپرست ڪارڪن شرڪت ڪئي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي اڳ ئي پنھنجي حصي جو پاڻي نه پيو ڏنو وڃي تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي سبب سنڌ جي زراعت مڪمل طور تي ختم ٿي ويندي ايستائين پيئڻ جو پاڻي به نه ملندو،ھنن چيو ته سنڌ اندر پيدا ٿيل عوامي تحريڪ کي قومي قيادت جي ضرورت آھي هاڻي وقت اچي ويو آھي جو گڏيل طور تي حڪمت عملي اختيار ڪري جدوجهد کي وڌيڪ منظم ڪيو وڃي.جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته 10 اپريل کان 20 اپريل تائين سنڌو درياءُ تي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان 10 ڏينهن لاءِ علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي ۽ مرحلي وار تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.