خدا آباد ۾ پير مجيب خلاف احتجاج تي قادر چانڊيو ۽ مقامي آبادگار گرفتار

دادو( رپورٽ غوث جھتيال)دادو ويجھو خداآباد ٿاڻي جي حد ۾ پ پ پ اڳواڻ ايم پي اي بئريسٽر پير مجيب الحق جي ڪمدارغلام حسين پنھور جي فرياد تي ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي چيئرمين قادر چانڊيو َسندس ساٿين مقامي آبادگار نظير برماڻي سميت 6 ڄڻن خلاف پوليس اسٽيشن خداآباد تي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن جڏھن ته ايف آء آر سندس گرفتاري کان بعد ۾ داخل ڪيون ويون آھن ياد رھي ته دادو ۾ اعلانيل احتجاجي مظاھري ۾ ڌرتي ڌڻي تحريڪ جو سرواڻ قادر چانڊيو پنھنجن ساٿين سان گڏ ڪراچي کان دادو پنھنجي گاڏي ۾ اچي رھيو ھو ته ڊي ايس پي سٽي دادو جي سربراھي ۾ دادو ۽ ڄامشورو پوليس گڏيل ڪاروائي ڪندي قادر چانڊيو کي گرفٿار ڪيو. ان وقت ھن سان مقامي آبادگار نظير برماڻي ۽ ٻيا ساٿي ساڻس گڏ ھئا جن کي ذريعن جو چوڻ آھي ته ان ڪري قادر چانڊيو کي گرفتار ڪيو ويو جو ھن پاران مقامي آبادگار نظير برماڻي جي زرعي زمين تي قبضي خلاف رٿيل احتجاج ۾ شرڪت لاء اچي رھيو ھو جڏھن مقامي آبادگار نظير برماڻي جو ميڊيا اڳيان بيان ۾ ھن جو چوڻ ھو ته پ پ پ ايم پي اي پير مجيب الحق منھنجي زرعي زمين 4 ايڪڙن تي قبضو ڪيو آھي ان قبضي خلاف دادو ۾ اعلانيل احتجاجي مظاھري جي اعلان بعد دادو پوليس سرگرم ٿي وئي ھئي ۽ پ پ پ ايم پي اي پير مجيب الحق جو سنڌو درياھ مان 6 ڪينال ڪڍڻ خلاف احتجاجي ريلي جو اعلان ٿيل ھو ٻئي طرف دادو پوليس قادر چانڊيو کي ان ڪري به گرفتار ڪري ورتو ته جيئن ھو پ پ پ جي ريلي ۾ رڪاوٽ نه ٿئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.