ڪراچي (رپورٽر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته هو بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي سربراهه اختر مينگل جي غيرقانوني نظر بندي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، هن چيو ته اختر مينگل جي نظر بندي نه رڳو آئين ۽ جمهوري قدرن جي ڀڃڪڙي آهي، پر اها بلوچستان جي عوام جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش به آهي،سيد زين شاهه وڌيڪ چيو ته رياست جو هي رويو ثابت ڪري ٿو ته اختلافِ راءِ کي دٻائڻ لاءِ آئيني حدون لتاڙيون پيون وڃن، بلوچستان جو مسئلو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ سنگين ٿي رهيو آهي، عوامي محرومي جو احساس، جبري گمشدگيون ۽ سياسي جبر صورتحال کي نازڪ بڻائي رهيا آهن، رياست اڃا تائين طاقت ۽ دٻاءَ واري پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي، جيڪا مسئلي جو حل نه پر هڪ نئين بحران کي جنم ڏيندي، هن زور ڀريو ته رياست سنجيدگيءَ سان بلوچستان جي عوام جي آواز کي ٻڌي، انهن کي خاموش ڪرائڻ بدران گفتگو جو رستو اختيار ڪري.