ڪراچي(پ ر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي هٿياربندن پاران جيڪب آباد ۾ ايس يو پي جي ضلعي صدر مقبول لاشاري جي گهر تي حملو ڪري انڌا انڌ فائرنگ ڪئي وئي آھي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، پنهنجي جاري ڪيل مذمتي بيان ۾ سيد زين شاھ جو چوڻ ھو ته ھن واقعي کي بزدلاڻو ۽ غير جمهوري قدم قرار ڏيون ٿا،هي حملو پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر اعجاز جکراڻي جي چوڻ تي ڪيو ويو جنهن جو مقصد سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن کي خوفزده ڪري سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جي عوامي جدوجهد کان پري ڪرڻ آھي،هن چيو ته ان قسم جون حڪمت عمليون جمهوري قدرن جي خلاف آهن،پيپلز پارٽي سنڌ ۾ جبر ۽ خوف جو ماحول پيدا ڪري سياسي مخالفن کي دٻائڻ چاهي ٿي، سيد زين شاھ مطالبو ڪيو آھي ته حملي آورن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج جو رستو اختيار ڪنداسين.