ٽنڊوالهيار ۾ جسقم جو ڪئنالن خلاف 15 ڪلوميٽر پنڌ مارچ

ٽنڊوالهيار (رپورٽ: حسرت لغاري) ٽنڊوالهيار جيئي سنڌ قومي محاذ شهيد بشير خان قريشي پاران سنڌو دريا مان 6  ڪئنالڪڍڻ خلاف نصرپور کان ٽنڊوالهيار پريس ڪلب تائين 15ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. نصرپور مان درگاه مصري شاه امام تي حاضري ڀرڻ بعد ڪارڪنن جو هڪ وڏو انگ پيادل مارچ ذريعي ٽنڊوالهيار پريس ڪلب پهتو. جڏهن ته مارچ ۾ شريڪ ماڻهن پاران ڪئنال سمورا نامنظور جا زوردار نعرا لڳندا رھيا. اڳواڻن باغي حبيب الله ڪالرو، وقار بوزدار، نثار مگسي، جئي پرڪاش ساگر، عبدالحق ملاح ۽ ٻين چيو ته سموري سنڌ ڪئنالن خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي. سنڌ جو ھي احتجاج واضع پيغام آهي ته سنڌ جو عوام سنڌو درياهه مان ڪوبه ڪئنال قبول نه ڪندي،هنن چيو ته پ پ حڪومت سنڌ جي عوام کي بيوقوف بڻائي رهي آهي، جيڪڏهن پ پ سنڌ جي عوام سان سچي آهي ته وفاق کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري، ڪلاڪ جي اندر نون ڪئنالن وارو منصوبو رد ٿي ويندو. پر اسين سمجهون ٿا ته پ پ اقتدار جي لالچ ۾ ائين ڪڏهن به نه ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.