پنجاب جا صوبائي وزير توڙي اڳواڻ تڪراري بيان پيا ڏين:جميل سومرو

لاڙڪاڻو(ن ع آ) لاڙڪاڻي  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ايم پي ايجميل احمد سومرو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته چيئرمين پيپلز پارٽي ڪئنالن بابت واضع ڪيو ته وفاق کي هڪ طرفو فيصلو واپس وٺڻو پوندو، ٻي صورت ۾ نون تڪراري ڪئنالن واري مسئلي تي اسان پنهنجي عوام سان گڏ هونداسين پنجاب جا صوبائي وزير توڙي اڳواڻ تڪراري بيان ڏئي رهيا آهن، جن کي پاڻي مسئلي تي ڪابه ڄاڻ نه آهي ۽ نه ئي سنڌ جي عوام جي جذبات جو ڪو احساس آهي جڏهن ته اسان ارسا طرفان ڪئنالن بابت سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪيون ٿا، هن چيو ته پاڻي مسئلي تي صدر وٽ ڪو به اختيار نه آهي، ارسا ۽ سي سي آءِ ۾ اسان سميت پي ٽي آءِ جا نمائنده موجود آهن، جنهن لاءِ تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاج ڪندڙ قومپرست جماعتون ۽ ٻيون ڌريون تحريڪ انصاف کان سوال ڪن ته هو پنهنجي قيادت کي چون ته هو سنڌو مٿان اڏجندڙ نون ڪئنالن جي مخالفت ڇو نه ٿا ڪن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.