پوليس سياسي ۽ قبيلائي اثر قبولڻ بدران بنا فرق ڪارروايون ڪري: ضياءُ لنجار

ڪشمور (ع آ نيوز) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته پوليس سياسي ۽ قبيلائي اثر قبول ڪرڻ بدران بنا فرق جيڪارروائيون ڪري. ڪشمور ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ضياءُ الحسن لنجار چيو ته جڏهن مان وزارت سنڀالي ته ان وقت لاڙڪاڻي ۾ 35 ماڻهو اغوا هئا ۽ ماڻهو قافلن جي صورت ۾ سفر ڪندا هئا پر هاڻ حالتون گهڻيون بهتر آهن. هن چيو ته هن وقت ڪشمور ۾ ڪسٽم اهلڪارن سميت 5 ڄڻا اغوا آهن، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ هاڻ ڪو اغوا جو ڪيس ناهي، ڪشمور واحد ضلعو هو، جتي ڪسٽم اهلڪارن جي اغوا ٿيڻ کان اڳ رڳو هڪ شهري اغوا هو، ايس ايس پي ڪشمور ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي جي ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. سندس چوڻ هو ته پوليس ۾ ڀرتيون ميرٽ تي ٿيون آهن، پوليس ۾ ڀرتي ٿيندڙ سٺا ۽ قابل نوجوان سماج ۾ بهتر ڪردار ادا ڪندا. ضياءُ الحسن لنجار وڌيڪ چيو ته ڪشمور ۾ ڌاريلن خلاف جاري آپريشن ۾ تيزي جا حڪم ڏنا آهن، جڏهن ته قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ به ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.